وبائي صورتحال ۽ پاڙيسري ملڪن واري ڇڪتاڻ

0
316

هن وقت دنيا ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جو مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف آهي جن ترقي يافتا ملڪن وائرس کان بچاءُ واري ويڪسين به ايجاد ڪري ورتي آهي انهن ۾ چين، روس، برطانيا، فرانس، جرمني، سويڊن، سويئزرلينڊ سميت ڪيترائي يورپي ملڪ شامل آهن. اها به تجرباتي مرحلن ۾ آهي. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اها ويڪسين روس پاڪستان جهڙي پوئتي پيل ملڪ کي تجارتي بنيادن تي وڪرو ڪرڻ بدران مفت ۾ مهيا ڪئي آهي جيڪا به حڪومت ديانتداري جي بنياد تي 60 سالن ۽ ان کان مٿي واري عمر وارن بزرگن کي مفت ۾ لڳائي رهي آهي ۽ هڪ اندازي موجب ملڪ جي ڏهه لکن کان مٿي ماڻهن ۾ اها وبائي وائرس کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ اهو سلسلو بنا وقفي جي جاري آهي. ٻئي طرف سڄي دنيا پنهنجي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ڪري شهرين جون زندگيون هن وبائي وائرس کان بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ ان جو کين اربين ڊالرن جو مالي خسارو پڻ برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي پر ان جي باوجود هنن انساني زندگيون بچائڻ واري عمل کي اوليت ڏيندي سخت ترين لاڪ ڊائون لڳايو آهي. ٻئي طرف هن ملڪ جا حڪمران عام ماڻهو ۽ مولوي ان تي ڌيان ڏيڻ بدران ان کي نه رڳو نظرانداز ڪري رهيا آهن پر ڪجهه مولوين ته سڀئي حدون ٽوڙي ڇڏيون آهن. اهي پنهنجي خطبن ذريعي بيماري کي مذاق ۽ دين خلاف وڏي سازش قرار ڏئي ماڻهن کي وائرس کان بچاءَ جو درس ڏيڻ بدران لاپرواهي ڪرڻ جو درس ڏئي رهيا آهن. هن وقت صورتحال آهي ته حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، نوابشاهه، لاهور، پنڊي، اسلام آباد، مردان‏، پشاور، ڪوئٽا، ڪلات، پنج گور ۽ گوادر سميت شهرن ۾ مريضن جو تعداد گهربل آڪسيجن سيلينڊر ۽ وينيٽيليٽر کان چئوڻ تي وڌيڪ آهي. اڳ ۾ ته صرف 60 کان مٿي واري عمر وارا ماڻهو موذي مرض جو شڪار ٿي رهيا هئا هاڻي ته نوجوان 20 کان 50 تائين جي عمر وارا به ان موذي مرض جو شڪار ٿي رهيا آهن جتي خوفناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ته اتي حڪومت جا لاڪ ڊائون جي سلسلي ۾ قدم انتهائي افسوسناڪ ثابت ٿيا آهن. ڇنڇر آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو پر صورتحال اها هئي ڪراچي، سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، نوابشاهه، نوشهرو، لاڙڪاڻُو، خيرپور، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور تائين جون مارڪيٽون ۽ بازارون ڀريل هيون. ڪٿي به حڪومتي ادارا ان تي عمل ڪرائيندي نظر نه آيا. مذهبي عبادتگاهن ۾ به ميڙاڪا جاري آهن ۽ اتي به ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. ميڊيا پنهنجي سر گهڻيون ئي دانهون ڪري رهي آهي ته ماڻهو ان تي به ڪن اسلام دشمن پرڏيهي ملڪن کان امداد وٺي ڪوڙي پروپئگنڊا ڪرڻ جا الزام ه پيا لڳائين. ٻئي طرف پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪووڊ جي وبا ايتري ته خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي جو اتي اسپتالن ۾ نوان مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش ئي ناهي. شمشان گهاٽن مان مري ويلن جو اگني سنسڪار ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ گيس ناياب ٿي ويا آهن. آڪسيجن ۽ وينٽيلٽرس جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ ڀارت وٽ اسان کان وڌيڪ جديد طرز جون اسپتالون ۽ سائنسي ليبارٽريز آهن پر انهن به بگڙجندڙ صورتحال ڏسي دنيا کي مدد لاءِ اپيل ڪئي. اتان جي به مذهبي ماڻهن مذهبي تهوارن جي موقعي تي حڪومت جي لاڪ ڊائون واري پاليسي جي سخت مخالفت ڪندي مذهبي ماڻهن کي مڇرايو. هاڻ حالت اها آهي ته نه اتي بسترا بچيا آهن ۽ نه آڪسيجن جو گهربل مقدار ۽ وينيٽيلٽرز. هي وائرس نانگ جي زهر وارو اثر ٿي ڪري جنهن جي ڏنگڻ سان رت گهاٽو ٿي ويندو آهي ۽ اهو آساني سان دل ۽ دماغ تائين ناهي پهچي سگهندو ان لاءِ ڊسپرين جي ٽڪي ڪارآمد هوندي آهي جيڪا به ڀارت مان ناياب ٿي وئي آهي جنهن ڪري ماڻهو تي وائرس جو بيماري جو پهريون حملو ئي خطرناڪ ثابت ٿو ٿئي. جي فوري آڪسيجن نٿي ملي ته مريض موت جي منهن ۾ هليو ٿو وڃي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي ايڌي ٽرسٽ وارن انسانيت جو مظاهرو ڪندي آڪسيجن سلينڊرن سميت 50 ايمبولنيس موڪلڻ جو اعلان ڪيو. وفاقي حڪومت جي ان عمل کي به ضرور ساراهڻ گهرجي جنهن ايڌي ٽرسٽ جي ان عمل کي ساراهيندي  فيصل ايڌي کي فوري طور تي ايمبولنس سميت روانو ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي جنهن سان هڪ طرف ٻنهي ملڪ جي حڪومتن وچ ۾ جيڪا ڪافي عرصي کان ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي اها هڪدم گهٽجي وئي آهي اتي جي عوام ۾ پاڪستان لاءِ بهتر روين واري عمل ۾ وڌارو ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وري اهي قوتون جن کي انتهاپسند ۽ جنوني چئي سگهجي ٿو جن جو ڀارت جي هن صورتحال ۾ ڀارت جي مدد ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار ناهي سي وري نفرتن واريون تقريرون ڪري رهيا آهن. ڪافرن تي احسان ڳڻائي رهيا آهن.انهن کان حضور سائين جي اها روايت به وسري وئي آهي جيڪي مخالف بيمارن جي عيادت لاءِ ويندا هئا، وبائي بيماري جي صورت ۾ هلندڙ جنگ ملتوي ڪري ڇڏيندا هئا. بيمار ۽ بکئي کان مدد وقت مذهب نه پڇندا هئا. هن وقت تمام اشد ضروت آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ ڀارت جي ڀرپور مدد ڪجي ۽ هلندڙ ڇڪتاڻ کي پڻ نه رڳو گهٽائڻ پر ختم ڪري امن ۽ ڀائيچاري واري فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي . 70 سالن کان هلندڙ ڇڪتاڻ ٻنهي ملڪن کي نه رڳو هڪٻئي کان پري رکيو آهي پر تباهي واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويا آهن. هي وقت ان مان نڪرڻ جو آهي جڏهن ٻي عالمي جنگ جي تباهين کانپوءِ يورپي ملڪن هڪٻئي کي ريل ۽ روڊ رستي ڳنڍي ڇڏيو جنهن سبب يورپ ان بربادي مان هڪدم نڪري ترقي واري راهه تي گامزن ٿي ويو . اهڙي طرح چين، ايران، ڀارت، پاڪستان ۽ بنگلاديش ريل ۽ روڊ ذريعي ڳنڍجي سگهن ٿا. ڍاڪا مان هلندڙ ريل جڏهن ڪلڪتو، ممبئي، دهلي، امرت سر کان لاهور، سکر، ڪوئٽا کان ٿيندي تفتان کان تهران، ترڪي جي شهرن ڪونيا ۽ استنبول پهچندي ته هنن ملڪن ۾ سياحت جي ذريعي اربين ڊالرن جي آمدن ٿيندي پر ڪي نا عاقبت انديش ٻنهي ملڪن ۾ موجود آهن ۽ اهي تباهي ۽تنزل پسندي کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن پر هن وقت ٻنهي ملڪن لاءِ موقعو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ هڪٻئي لاءِ دوستي وارا نرم گوشا پيدا ٿي چڪا آهن، ان جو فائدو وٺڻ گهرجي ۽ ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي سان سياحت سان گڏ وڻج واپار به شروع ڪرڻ گهرجي.