ڀاشا ڊيم جا نقصان 

0
505

اڄڪلهه اخبارن ۾ ڀاشا ڊيم جي حمايت ۽ مخالفت ۾ بحث هلي رهيو آهي. آئون ڊيم مخالف ڌر سان گڏ آهيان. هن کان اڳ ۾ منهنجا مضمون “ڇا هڪ وڌيڪ ڊيم سنڌ لاءِ ضروري آهي”، “ڀاشا ڊيم سنڌ لاءِ خوشحالي يا بليڪ وارنٽ ” ۽ “پاڻي کوٽ ۽ ڀاشا ڊيم” جي عنوان سان “پنهنجي اخبار” ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ اهو دليل ڏنو پيو وڃي ته تربيلا لٽجڻ جي ڪري پاڻي کوٽ وڌي رهي آهي ۽ انهيءَ کوٽ جو اثر سنڌ تي پوندو، انهيءِ ڪري ديا مير ڀاشا ڊيم ڊيم ٺهڻ گهرجي جو ايندڙ وقت ۾ کوٽ جو پورائو ڪري سگهجي.
ڇا سنڌو درياهه سسٽم ۾ ايترو پاڻي آهي جو نئون ذخيرو ٺاهي سگهجي. اهو نقطو 2003ع ۾ مشرف دور ۾ ٺاهيل پاڻي وسيلن لاءِ فني ڪاميٽي جي مول مقصدن ۾ شامل هو. فني ڪاميٽي جي سربراهه محترم اي – اين – جي عباسي صاحب انهيءَ نقطي تي بحث ڪندي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم يا ڀاشا ڊيم ٺاهيو ويو ته اهي هر سال ڀرجي نه سگهندا ۽ نه ئي اهي هر سال گهربل پاڻي 6 کان 7 ملين ايڪڙ فوٽ ڏئي سگهندا. اهي صرف 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هر سال مهيا ڪري سگهن ٿا. عباسي صاحب سراسري طرح هر سال واڌو پاڻي منفي 0.25ڄاڻايو آهي. انهيءَ جدول ۾ هن ڪوٽڙي کان هيٺ ڊيلٽا لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي پڻ شامل ڪيو آهي. عالمي ماهرن اهو پاڻي 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ تجويز ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان عالمي ماهرن جا انگ اکر کڻون ته پوءِ به اسان وٽ واڌو پاڻي 1.15 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو، جيڪو نه هئڻ برابر آهي. جيڪڏهن اهو ڊيم ٺاهيو ويو ته اهو صرف ٻوڏ وارن سالن ۾ ڀرجي سگهبو. انهيءِ نقطي کي واضح ڪندي عباسي صاحب ڄاڻايو آهي ته جيڪڏهن 6.0 ملين ايڪڙ فوٽ جا 2 ڊيم ٺاهيا وڃن ته انهن مان هڪ 28 سالن ۾ 10 سال پورو ۽ 7 سال جزوي طور ۽ جڏهن ته ٻيو ڊيم 28 سالن ۾ 7 سال پورو ۽ 7 سال جزوي طور ڀرجي سگهبو انهيءَ مان ثابت آهي ته نئون ڊيم ٺاهڻ لاءِ واڌو پاڻي موجود نه آهي. ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ هڪ ٻيو دليل پڻ ڏنو وڃي ٿو ته ان مان ڪو به نئون واهه نڪري نه سگهندو. آئون هن موقعي تي وزير اعظم جي اڳوڻي معاون خاص رٽائرڊ ليفٽينٽ جنرل عاصم باجوه جو 16 جولائي 2020ع واري انگريزي ڊان اخبار ۾ ڇپيل بيان جو حوالو ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن ۾ هن چيو ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ ڪري 12 لک ايڪڙ وڌيڪ نئين زمين آباد ٿيندي. اها زمين ڪهڙي صوبي جي هوندي. ڇا ڀاشا ڊيم جو پاڻي گريٽر ٿل ڪئنال ۾ کڻي پنجاب جي 12 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. ڇا اها زمين اها آهي جنهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم مان واهه ڪڍڻا هئا؟ جيڪڏهن اسان 1000 ايڪڙ لاءِ 5 ڪيوسڪ پاڻي رکون ته 12 لک ايڪڙ لاءِ 6000 ڪيوسڪ پاڻي کپندو جيڪو 4.3 ميلن ايڪڙ فوٽ جي برابر آهي. ڀاشا ڊيم جي گنجائش 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ چئي پئي وڃي، انهي مان 4.3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي آبادي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته باقي ڇا بچندو جو سنڌ جي کوٽ پوري ڪئي ويندي. حقيقت ۾ ڊيمن ۾ لٽ ڀرجڻ ڪري ايندڙ کوٽ منگلاڊيم جي اوچائي وڌائي پوري ڪئي وئي آهي. ايئن سمجهه ۾ اچي ٿو ته هيءَ ڊيم پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. سنڌ آبپاشي کاتي کي پڻ ايندڙ وقت ۾ پيدا ٿيندڙ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري لائحه عمل ٺاهڻ گهرجي. جنهن ۾ شاخن، بئراجن ۽ واٽر ڪورس کي پڪو ڪرڻ شامل آهي. ڪجهه وقت اڳ ۾ مرڪزي سرڪار طرفان سنڌ ۾ 30 هزار واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ جو هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت ڪجهه ڪم ٿيو، انهيءَ منصوبي کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ جستجو ڪئي وڃي. ڀاشا ڊيم جي قيمت تقريبن 20 ارب ڊالر چئي پئي وڃي. جيڪا مرڪزي سرڪار جي کاتي ۾ آهي . منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ واهن جي پڪي ڪرڻ تي خرچ ڊيم جي مقابلي ۾ گهٽ ايندو، جيڪو مرڪزي سرڪار کي ڀرڻ گهرجي، انهيءَ مان هڪ طرف سرڪار کي بچت ٿيندي ٻئي طرف پاڻي کوٽ تي پڻ ضابطو ايندو. اهو ڪم سنڌ ۽ مرڪزي حڪومت کي گڏيل طور تي ڪرڻ گهرجي، سرڪار اهو ڪم پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت پڻ ڪرائي سگهجي ٿي. سنڌ کي “ڪتو بڇي ڦر نه آدم شيخ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو. جڏهن ته 2 ڄڻا فاروق شيخ ۽ عبدالرحمان سميجو زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ تي ڇور پوليس پھچي فوتي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال کڻائي وئي، جتي فوتي پيرسن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف مدرسي جي انچارج مولوي يعقوب ڪنڀر ٻڌايو ته مدرسي جي سيڪيورٽي گارڊ کان اتفاقي فائر ٿيڻ سبب واقعو پيش آيو آهي، ڇور پوليس موجب رات دير سان مدرسي ۾ امداي،راشن ورھايو پئي ويو تـ مدرسي جي گارڊ ھٿان اوچتو فائر ٿيو جنهن ڪري 65 سالن جو پيرسن آدم شيخ مٿي ۾ گولي لڳڻ فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻازخمي ٿي پيا.