ڪراچي: پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار احمد کهڙو سنڌ ۾ رهندڙ بنگالين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي هڪ ڀيرو حمايت ڪندي چيو آهي ته جيڪي بنگالي ڳچ عرصي کان رهن پيا،  جن وٽ شناختي ڪارڊ موجود آهن، انهن جي ٻارن کي جيڪڏهن شناختي ڪارڊ ملي ويا ته ڇا ٿيندو؟ ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون ڪراچي ۾ بنگالين پاران تين هٽي وٽ ڪوٺايل هڪ پروگرام ۾ ويو هئس، جتي بنگالين چيو ته نادرا سندن  ٻارن جا شناختي ڪارڊ نه پئي ٺاهي، نثار کهڙو  چيو ته جن بنگالين وٽ شناختي ڪارڊ آهن، سندن نالا  ووٽر لسٽ ۾ آهن، انهن بنگالين جي اولاد کي سڃاڻپ ڪارڊ مليا ته ڇا ٿيندو؟ هونئن به اسان سندن  بار کڻي ويٺل آهيون، هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي مون کي به خدشا آهن، پر  آدمشماري جي مخالفت نه ڪنداسين، ٻين صوبن جي ماڻهن تي به اسان اعتراض نه ٿا واري سگهون، پاڪستان جو ڪو به شهري ڪنهن به صوبي ۾ رهي سگهي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو ڳڻپ ۾ شامل ٿين، ٻي صورت ۾ گذريل آدمشماري جيان اسان جي آبادي گهٽجي ويندي، آبادي گهٽجڻ سبب اين ايف سي ۾ حصو به گهٽجي ويندو، هن چيو ته اسان وٽ سنڌ ۾ ٻار اسپتالن ۾ نٿا ڄمن، گهرن ۾ اچي دائي جي مدد سان ڄمندڙ ٻارن مان ڪجهه مرن ٿا ته ڪجهه بچن ٿا، انهن جي رجسٽريشن جو ڪو رڪارڊ نٿو هجي ۽ نه ئي وري اسان وٽ نادرا جو بي فارم آهي، هن آدمشماري جي طريقيڪار تي مون کي به اعتراض ٿي سگهي ٿو، انهي باوجود جيڪڏهن اسان کي ڳڻيو وڃي ٿو ته ڇو نه ڳڻايون؟ هن چيو ته 2017ع واري آدمشماري تي اسان کي اعتراض هئا پر پوءِ سينيٽ ۾پارلياماني اڳواڻن اليڪشن مٿان اچڻ ڪري اهو معاهدو ڪيو هو ته صرف 2018ع واري اليڪشن پراڻي آدمشماري تي ٿيندي، جنهن کي جواز بڻائي گذريل حڪومت انهي آدمشماري کي قبول ڪري ورتو،  اها اسان جي حڪومت نه هئي، هن چيو ته اسان تي ڀلي تنقيد ڪريو پر پاڻ کي به سجاڳ ٿيڻ گهرجي،