ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي قومپرستن، نوازليگ، جي يو آءِ،  اديبن ۽ دانشورن ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌين خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙي آدمشماري تي تحفظات ظاهر ڪندي چيو ته آدمشماري جي مخالفت نه ڪنداسين، اها ٿيڻ گهرجي، سانا پاران ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۾ آدمشماري متعلق ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌين وٽ اقتدار ھوم  ھتي ايندڙ ھر ماڻهو کي سنڌي ٻولي ۽ اجرڪ جي سھاري سان سنڌ ۾ ضم ٿيڻو پوندو ھو پر پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ  سنڌ جا نمائندا سنڌ جي ماڻهن جي نمائندگي بدران مفادن خاطر ڪنڌ ھيٺ ڪري سڀ ڪجھه ڪن ٿا ـ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ پھريون ڀيرو آدمشماري 1951ع ۾ ٿي، جڏهن ته 1981 ع ۾ جنرل ضياءُ آدمشماري نه ڪرائي، اها رڳو ٽيبل تي ٺاھي وئي ھئي،  جنهن بعد سنڌ کي مال غنيمت سمجھي پراون حملو ۽ پنهنجن غداري ڪئي آھي ، بارڊر کولي ڇڏيا ويا،  برما ۽ بنگال جو  ٺيڪو رڳو اسان کنيو آھي؟ ، ڪراچي جي وسندي  تين ھٽي وٽ بنگالين جي ڪالوني جو دورو ڪري پ پ سينيٽر نثار کھڙي کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ھئي، انهي جو کيس جواب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته  افغانستان مان سرڪاري طور 16 لک افغان مھاجر  آيا ھئا، جن مان 9 لک افغانين کي 1981ع ۾ سھراب ڳوٺ ۾ آباد ڪيو ويو، 40 سالن ۾ اهي وڌي ٻيڻا يا ٽيڻا ٿي ويا هوندا، مشرف دور ۾ وانا ۽ وزيرستان ۾ آپريشن دوران ايندڙن کي ڪراچي ۾آباد ڪيو ويو، هن چيو ته  2010ع جي بدترين ٻوڏ آئي، ان وقت ٻوڏ متاثرن پيپلزپارٽي کان خيرات وٺڻ بدران روڊن تي مزدوري ڪئي،  ان وقت سڀني ڌرين جو مطالبو ڪيو ھو ته انھن متاثرين کي ڪراچي ۾ بينظير جي نالي سان ئي وستي ٺاهي آباد ڪيو وڃي، ان وقت به اي اين پي جي شاهي سيد ٻوڏ متاثرن  جي آبادڪاري جي مخالفت ڪئي،  پ پ سرڪار ان وقت گوليون ۽ شيل ھڻي ڪراچي پهتل متاثرين کي ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن جيل ڀريا، گوليون کاڌيون تڏهن اڄ پ پ حڪومت ۾ آھي، هن چيو ته  نادرا جي رڪارڊ ۾ سمورا  انگ اکر موجود آھن، موجوده ڊجيٽل  آدمشماري پلاننگ ڪرڻ لاءِ  ناھي پر اها سنڌين جي پيرن ھيٺيان زمين کسڻ جي منصوبابندي آھي  هن چيو ته هاڻي ته آرمي چيف به چوي ٿو ته ته افغانين کي واپس موڪليو پر سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته اسين انھن جي مھمان نوازي ڪريون ٿا،  آمريڪا اسان کي پئسا ڏئي ـ  پي ڊي ايم جي وفاقي حڪومت پ پ جي سهاري تي بيٺل آهي، پ پ وارا مطالبو ڪن ته آدمشماري بند ڪريو ته اھا اڄ ئي بند ٿي ويندي.  هن چيو ته جيڪڏهن آدمشماري ڪئي وئي ته انهي جا نتيجا اڄ ئي رد ڪريون ٿا، جنهن ڏينهن سنڌ جا 5 لک ماڻهو سي ايم هائوس آڏو گڏ ٿيندا، انهي ڏينهن کانپوءِ سنڌ جي حقن تي ڪو به ڌاڙو نه هڻي سگهندو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ دشمن قرار ڏئي رد ڪندي چيو ته آدمشماري 10 سالن ۾ ٿيڻي ھئي، اھا پنج سالن ۾ ڪرائڻ سازش آھي. ڪجهه ڌريون غير قانوني پرڏيھين کي سنڌ ۾ مستقل رھائڻ چاھين ٿيون. شماريات ڊويزن خودمختيار ادارو ناھي، اھو اثررسوخ جي گھيري ۾ آھي. غير قانوني ماڻھو رجسٽر ڪرائي ڊيموگرافڪ تبديلي جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اڌ سنڌ اڃا تائين ٻڏل آھي. 2 ڪروڙ ماڻھو پنھنجن ڳوٺن کان پري دربدر آھن، اھي ڪيئن ڳڻيا ويندا ؟ ماضي ۾ به 7 ڪروڙ آبادي واري سنڌ کي صرف 4 ڪروڙ ڳڻيو ويو. آدمشماري ۾ ھيرڦير وفاق ۽ صوبي لاءِ زھر قاتل ثابت ٿيندي. هنن چيو ته مخصوص گروھن جون سيٽون وڌائڻ لاءِ سازش ڪئي پئي وڃي. ٻوڏ متاثر ماڻھن جي بحالي ۽ غير قانوني پرڏيھين کي واپس ڪرڻ کانسواءِ آدمشماري سازش آھي. اسان سنڌ ۽ ملڪ دشمن خلاف سازش تي خاموش نه ويھنداسين، هن چيو ته  حڪمران پنھنجن ذاتي مفادن لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي نه لڳائين،  سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي.عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لعل جروار چيو ته پ پ حڪومت کان ٻاھر هجڻ وقت قومپرست ھجي ٿي،جڏهن ته  اقتدار ۾ اچي اکيون پوري ٿي ڇڏي،اسان  آدمشماري کي رد ڪريون ٿا، ھي آدمشماري سنڌ جي خلاف نه پر پاڪستان  خلاف سازش آھي، هن چيو ته   ملڪ ڏيوالي جو شڪار آھي، ان وقت آدمشماري تي 35 ارب رپيا خرچ پيا ڪن، اها رقم ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪئي وڃي،  هن چيو ته وقت کان اڳ ٿيندڙ غير قانوني آدمشماري کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ھي آدمشماري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ھٿ ناٽڪ آھي،  سنڌجي سمورين سياسي جماعتن ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کي  آدمشماري خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين ھڙتال ڪرائڻ گھرجي، ڪانفرنس کي عوامي جمهوري پارٽي جي صدر لعل شاهه، جئي سنڌ محاذ جي سربراه عبدالخالق جوڻيجو، جي يو آءِ جي مولانا تاج محمد ناهيون، سانا اڳواڻ وليد شيخ ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته اسان ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين