سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڌارين کي تعليمي سندون به جاري ٿيڻ جو انڪشاف

0
301
سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڌارين

ڪراچي:سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ کانپوءِ وڏي پئماني تي ڌارين کي تعليمي سندون به جاري ٿيڻ جو انڪشاف، ميرپورخاص تعليمي بورڊ مان پرڏيهين کي جعلي سندون جاري ٿيڻ جي تصديق، ذريعن  موجب جعلي سندون مليل پرڏيهي تازو بورڊ جي امتحانن ۾ به ويٺا هئا

حساس ادارن ميرپور خاص بورڊ ۾ ڪارروائي ڪري امتحاني رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، بورڊ عملدارن رڪارڊ لڪائڻ ۽ ڪارروائي کان بچڻ لاءِ 3 ڀيرا باهه جا واقعا ڪرايا

 سيڪريٽري بورڊز اسڪينڊل ۽ حساس ادارن جي ڪارروائي بابت سنڌ سرڪار کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي اختيارين اسڪيندل جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هي انتهائي حساس معاملو آهي، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، اسڪينڊل ۾ ملوث عملدارن خلاف ايڪشن کنيو ويندو