نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي مرڪزي بينڪ ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي لڳائڻ جي خواهشمند آهي. پرڏيهي خابرو اداري ڪرپٽو ڪرنسي وارو معاملو ڀارتي حڪومت طرفان پارليامنٽ ۾ اُٿاريو ويو آهي، جنهن کانپوءِ دنيا جي ٻي وڏي انٽرنيٽ مارڪيٽ ۾ ڊيجيٽل اثاثن جو مستقبل ٻڏتر واري صورتحال جو شڪار آهي. ڀارتي ناڻي واري وزير نرملا سيتارامن پارليامنٽ کي ٻڌايو ته ريزرو بينڪ آف انڊيا ملڪ جي مالياتي استحڪام تي ڪرنسي جي نقصانڪار اثرن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان شعبي لاءِ قانونسازي جو مشورو ڏنو آهي. هن چيو ته مرڪزي بئنڪ ڪرپٽو ڪرنسي تي مڪمل پابندي لڳائڻ چاهي ٿي، ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي لاءِ قانونسازي لاءِ عالمي سهڪار گهربل آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ڪرنسي جي ڪا سرحد ناهي هوندي ۽ ان جي روڪٿام لاءِ عالمي ڀائيواري جي ضرورت آهي، انکانسواءِ ڪنهن قسم جي پابندي يا قانون فائديمند ثابت نه ٿيندا. جي 20 ملڪن جي فنانشنل اسٽيبليٽي بورڊ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ چيو هوته سندن طرفان آڪٽوبر 2022ع ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي حوالي سان عالمي قانونن کي تجويز ڪيو ويندو. ٻئي پاسي انٽرنيٽ اينڊ موبائل ايسوسيئيشن انڊيا ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرپٽو ڪرنسي جي حمايت ڪئي هئي.