سنڌ ۾ بدامني: حليم عادل شيخ رپورٽ وزيراعظم کي ڏئي ڇڏي

0
301

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ بدامني بابت حليم عادل شيخ رپورٽ وزيراعظم کي ڏئي ڇڏي، سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ اسلام آباد پهچي ويو، جتي هن وزيراعظم کي آگاهي ڏني ته چار ڏينهن ڪچي وارن علائقن جو دورو ڪيو ۽ صورتحال معلوم ڪئي، هڪ ئي گهر جي 9 ڀاتين جي قتل بعد وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ تفصيل معلوم ڪيا، حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس کي سياست کان آجو ڪرايو وڃي، سنڌ ۾ بدامني، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي پناه گاهن بابت 12 صفحن تي رپورٽ وزيراعظم کي ڏني آھي.