سنڌ ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سنگين ٿي وئي، آبادگارن جا مظاھرا

0
209

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سنگين ٿي وئي، فصل سُڪي وڃڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، فيض گنج جي چئن واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا، مظاهري دوران آبپاشي عملدارن جي زيادتين خلاف نعرا، آبادگارن دانهيو آهي ته فيض گنج ۾ آبپاشي عملدار پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي مُنڍ جي بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، پڇڙي جي آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي، ڪوٽڙي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، مسلم ٽائون جي رهواسين طرفان ريلي بعد ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو، جو پاڻي کوٽ خلاف ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو، شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا ٽئنڪر مافيا کي فائدو ڏيڻ لاءِ شهرين جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، گهرن ۾ پاڻي نه هجڻ سبب ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو.