سنڌ جي مختلف شھرن ۾ شديد گرمي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ، شھري پريشان

0
297
 بدين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار، شهري روڊن تي نڪري آيا
 بدين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار، شهري روڊن تي نڪري آيا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪاڙهي جي گرمي دوران حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بنا جواز بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلد جي بندش، ڪورنگي، ملير قائد آباد، گرين سٽي، عمر ماروي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ اڻ اعلان لوڊشيڊنگ سبب شهري ٻٽي عذاب مبتلا، حيدرآباد، دادو، سکر، نوشهروفيروز، سانگهڙ، مٽياري، ڀٽ شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي جي بندش، لاڙڪاڻو سول اسپتال ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي جي بندش سبب مريض تڙپڻ لڳا، ڏوڪري ۾ گرڊ اسٽيشن جي فني خرابي جو جواز ڄاڻائي سوين علائقن جي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي بند، جاتي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻي دوران حيسڪو جي زيادتين خلاف نعرا، شهرين دانهيو آهي ته جاتي ۾ هڪ هفتي کان بجلي بند آهي، جنهن ڪري گهرن اندر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي، حيسڪو عملدارن آڏو شڪايتن ۽ دانهن باوجود بجلي جي بندش برقرار آھي.