سنڌ کانپوءِ پنجاب جو به آفيسرن کي وفاق ڏانهن موڪلڻ تي انڪار

0
327
سنڌ کانپوءِ پنجاب جو به آفيسرن کي وفاق
سنڌ کانپوءِ پنجاب جو به آفيسرن کي وفاق ڏانهن موڪلڻ تي انڪار!!

لاهور: پوليس ۽ انتظامي آفيسرن جي بدلين تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، سنڌ کانپوءِ پنجاب به آفيسرن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت روٽيشن پاليسي تحت بدلي باوجود ڊيوٽي تي حاضر نه ٿيندڙ پنجاب جي آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو

ٻئي طرف چيف سيڪريٽري پنجاب وفاق کان آفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري بدلي ڪيل آفيسرن جي مقرري تائين ڪم جاري رکڻ لاءِ موجوده ٽيم کي خط لکي ڇڏيو

چيف سيڪريٽري پنجاب جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت پوليس ۽ انتظامي آفيسرن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي

واضح رهي ته هلندڙ مهيني اعليٰ عهدن تي ويٺل سول آفيسرن جي بدلي جا آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، جن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري افتخار احمد ساهو، سيڪريٽري ايم پي ڊي ڊي علي طاهر، ڪمشنر ڊي جي خان ساره اسلم ۽ ڪمشنر سرگوڌا فرخ مسعود شامل آهن.