سکر تعليمي بورڊ يارھين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا 

0
272
سکر تعليمي بورڊ يارھين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا 
سکر تعليمي بورڊ يارھين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا 

سکر: تعليمي بورڊ سکر طرفان يارھين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. ڪنٽرولر موجب يارھين جماعت پري ميڊيڪل گروپ ۾ 19 ھزار 675 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا. 19464 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو

211 اميدوار غير حاضر رھيا. 174اميدوار سمورن پيپرن ۾ فيل ٿيا. 17500 اميدوار ڇھن پيپرن ۾ پاس، 800 پنجن پيپرن، 249 چئن پيپرن ۾ پاس ٿيا. 644 اميدوار ٽن، 21 اميدوار ٻن ۽ 33 اميدوار ھڪ پيپر ۾ پاس ٿيا

ميڊيڪل گروپ ۾ 40 اميدوار ڪاپي ڪيس ۽  3 اميدوارن جو نتيجو مختلف سببن ڪري روڪيو ويو. سکر تعليمي بورڊ طرفان يارھين جماعت پري انجنيئرنگ جي نتيجن جو به اعلان ڪيو ويو

يارھين جماعت پري انجنيئرنگ ۾ 11 ھزار 121 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا، 10974 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، جڏھن ته 147 غير حاضر رھيا. 62 اميدوار سمورن پيپررن ۾ فيل ٿيا

26 ڪاپي ڪيس ۽ ھڪ جو نتيجو روڪيو ويو. 9667 اميدوار ڇھن پيپرن، 503 اميدوارن پن پيپرن ۾ پاس ٿيا. 639 اميدوار چئن، 9 اميدوار 3، 25 اميدوار ٻن ۽ 42 اميدوار صرف ھڪ پيپر ۾ پاس ٿيا.