شاگردياڻي نوشين واقعو: لاش ملڻ واري  واقعي تي شڪ آهي، جاچ ڪئي وڃي: پيءُ ھدايت الله شاهه

0
362
شاگردياڻي نوشين واقعو
شاگردياڻي نوشين واقعو: لاش ملڻ واري  واقعي تي شڪ آهي، جاچ ڪئي وڃي: پيءُ ھدايت الله شاهه

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي ڦاهو ڏنل لاش ملڻ واري واقعي تي رد عمل ظاهر ڪندي سندس والد هدايت الله شاهه چيو آهي ته لاش ملڻ واري  واقعي تي شڪ آهي، پوسٽ مارٽم ٿئي ۽ جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته اڳ به اھڙي قسم جا واقعا ٿيا آهن، وڏو صدمو پھتو آهي. اسپتال انتظاميه موجب شاگرياڻي جو لاش ملڻ جي حوالي سان والدين جي سامھون بيان ورتا ويا، جاچ شفاف ڪرائي ويندي. ٻئي پاسي شاگردياڻين هاسٽل اندر نعري بازي ڪئي ۽ چيو ته آخر لاش ڪيترا نڪرندا.