سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ھارڊ ايرياز ۽ سافٽ ايرياز جي بنياد تي اميدوارن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف درخواست داخل

0
426
غير حاضر استاد برطرف ٿيندا، ٽيسٽ پاس اميدوارن لاءِ خوشخبري
غير حاضر استاد برطرف ٿيندا، ٽيسٽ پاس اميدوارن لاءِ خوشخبري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 2021 ع جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊرز نه ملڻ جو معاملو، تعليم کاتي پاران ھارڊ ايرياز ۽  سافٽ ايرياز جي بنياد تي اميدوارن کي  نظرانداز ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تعليم واري صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري   پنھنجن علائقن جي ھارڊ ايرياز اميدوارن  کي آرڊرز ڏنا،

اميدوارن موجب 20 ھزار کان وڌيڪ اميدوار نظرانداز ڪيا ويا آهن،  اسان کي آرڊر ڏياري بي چيني ختم ڪئي وڃي، وڪيل موجب 21 ھزار جايون خالي، 39 مارڪن تائين  کڻندڙ اميدوارن کي ھارڊ ايرياز جو جواز  ڄاڻائي نظرانداز ڪيو ويو ڪيو ويو آهي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ 33 کان39  مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نوڪريون  نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جواب جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، عدالت کان ھفتي جي مھلت  گھري ورتي آهي، ٻڌڻي ھفتي لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سيڪيورٽي وڌائي وئي