ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا پاران 15 مارچ کان آبادگارن کان 15 لک ٽن ڪڻڪ 4000 رپيا في مڻ جي اگهه سان خريد ڪرڻ جو اعلان:  برساتن دوران  امدادي ڪمن تي خرچ ڪيل  85.7  ارب  رپين جي منظوري: ريپڊ ريسپانس فورس جو دائرو سڄي صوبي تائين وڌائي هجومن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرائوڊ مينجمينٽ يونٽ جوڙيو ويو، متحده جي فرمائش تي آرٽيڪل 140اي هيٺ مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ واري بل جي منظوري وارو فيصلو ملتوي، ان ڏس ۾ سنڌ ڪابينا جي ڪالهه ٿيل اجلاس بابت سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾سجاول هيلٿ يونٽ جي اپ گريڊيشن ۽ جناح اسپتال ۾ مستقل سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ آڻڻ جي منظوري ڏني وئي،   هن چيو ته جناح اسپتال ۾ سائبر نائف مشين موجود آهي ، تمام جلد هڪ وڌيڪ نيئن  مشين خريد ڪئي ويندي. پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي گرانٽ کي وڌائي پنج ملين ڪيو ويو آهي. اڳ ۾ جناح اسپتال ۾ 11 سئو بسترا هئا، جن کي 2208 ڪيو ويو آهي. چار ارب رپين جي لاڳت سان نئون سرجري ڪمپليڪس تعمير ڪيو ويندو، هن چيو ته  تازو برساتن سبب سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي آڪٽوبر بدران  نومبر تائين ممڪن ٿي، هيل   ڪڻڪ جو ڀلو فصل لهندو، خوراڪ کاتو 15 مارچ کان آبادگارن کان 14 يا 15 لک ٽن  ڪڻڪ  خريد ڪندو هن چيو ته برساتن سبب 20 لک گهر جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، مڪمل ڊٺل گهرن جي تعمير لاءِ 3 لک رپيا امداد ڏني ويندي. گهرن جي اڏاوت جي نگراني لاءِ  5 اين جي اوز سان معاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريپڊ ريسپانس فورس ( آر آر ايف) هاڻ  سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪندي، جڏهن ته  ايس آر پي رڳو سنڌ هائوس اسلام آباد جي جنرل سيڪيورٽي تائين محدود رهندي،  هن چيو ته  ڪراچي ۾ مڇريل هجومن کي فوري طور روڪڻ لاءِ ڪرائوڊ مينجمينٽ يونٽ جوڙي ڇڏيو آهي، اجلاس کي جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي آ گاهي ڏني ته برساتن دوران رليف جي ڪمن لاءِ  58.7 ارب رپيا جاري ڪيا ويا،  جن ۾ رليف ۽ بحالي لاءِ 27648.452 ملين،  ربيع  ۾ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ  هارين کي 5000 رپيا في ايڪڙ ڏيڻ جي مد ۾ 8390 ملين، برساتن دوران متاٿر ٿيل چوپائي مال کي گاهه جي فراهمي لاءِ لاءِ 1000 ملين، آبپاشي جي هنگامي ڪمن لاءِ 14150.3 ملين ، برسات جي نقصانن جي سروي ۽ ٻين ڪمن لاءِ 3628.63 ملين رپيا، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز کي روڊن جي مرمت لاءِ 3925.952 ملين ۽ دوائن جي خريداري لاءِ 985.405 ملين رپيا شامل آهن. ڪابينا انهي رقم جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ تازو ڀرتي ٿيلن جي ڊوميسائلن جي ڇنڊ ڇاڻ جو فيصلو،  ڪالهه ڪابينا اجلاس ۾ پوليس کاتي ۾ تازين ڀرتين ۾ جعلي ڊوميسائلن جو معاملو اٿاريو ويو. وڏي وزير چيو ته پوليس ۾ ڀرتيون خاص ميرٽ تي مقامي ماڻهن لاءِ ڪيون ويون آهن، هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پوليس کاتي ۾ ٿيل سمورن نون ڀرتين جي ڊوميسائلن جي تصديق ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقي ۽ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪري سگهجي. هوڏانهن سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضي وهاب چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن سان ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسان اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون، انهي لاءِ  قانون واري کاتي ڊرافٽ تيار ڪيو آهي. هن چيو ته سيف سٽي اٿارٽي جو قانون منظور ڪرايو ويو آهي. اين آر ٽي سي جي سهڪار سان هلندڙ سال دوران پهريون مرحلو مڪمل ڪيو ويندو، ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪيميرائون  لڳايون وينديون.