ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي واٽر بورڊ کي ڪارپوريشن  جو درجو ڏئي ميئر جي ماتحت ڪرڻ  جو بل منظور ڪري ورتو، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته واٽر بورڊ کي بهتر ۽ خودمختيار بڻائڻ لاءِ نئون بل منظور ڪيو آهي. جنهن جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري  ورتي ويندي، اسان چاهيون ٿا ته  آرٽيڪل اي 140 تي  مڪمل عمل ٿئي، اسان ڪراچي جي ميئر کي واٽر بورڊ جو چيئرمين بڻايو آهي ته جيئن پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ ورڇ جي رٿابندي بهتر نموني ٿئي، شهر ۾  پاڻي ۽ نيڪال جي سروس بابت لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ ڪارپوريشن جو هڪ بورڊ هوندو، جنهن جو چيئرپرسن ڪي ايم سي جو ميئر هوندو، سندس غير موجودگي ۾ ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر  انهي جو چيئرمين هوندو، بورڊ ۾7  سرڪاري ۽ 9 غير سرڪاري ميمبر (تعليمي ماهر، سول سوسائٽي، پاڻي ۽ نيڪال جا ماهر، قانوني ۽ مالياتي ماهر) ۽ سنڌ اسيمبلي جا ٻه ميمبر شامل هوندا. ڪارپوريشن بورڊ پاڻي فراهمي لاءِ اسٽريٽجڪ منصوبا جوڙيندو انهي جي بجيٽ منظور ڪندو. واٽر بورڊ ڪاپوريشن جو چئن سالن لاءِ  چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ڪيو ويندو،  ڪابينا بل اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.،