مٽياري (رپورٽر) اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير ميمڻ جي ڀاء فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ نصير ميمڻ جو چوڻ آھي ته تازين برساتن سبب گھر ڪري پوڻ ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي بيھڻ سبب بي گھر ٿي سرڪاري ڪئمپن ۽ روڊن ڪناري پلاسٽڪ جون پنيون لڳائي رھندڙ برسات متاثر بکن ۽ بيمارين ۾ مرن پيا جڏھن تہ عالمي ادارن توڙي سرڪار پاران ملندڙ امدادي سامان پيپلزپارٽي جي وڏيرن جي اوطاقن ۽ بنگلن تي پھچايو پيو وڃي اھڙن خيالن جو اظھار فنڪشنل ليگ اڳواڻ مٽياري عوامي اتحاد جي اڳواڻن ڄام شوڪت ابڙو ۽ رشيد ڏيٿو سان گڏ مٽياري شھر جي رليف ڪئمپن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو..