قمبر( رپورٽر)  قمبر   ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ تي ڊي سي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪائونسلر غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته ضلعي انتظاميا جاگير جي علائقي جي رهواسين جي ڪا به امداد ناهي ڪئي، جنهن سبب هو بک بدحالي جي ڪري بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته حڪمران جماعت جا ماڻهو راشن ۽ تنبو پنهنجن ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن