سنڌ سرڪار سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

0
206

ڪراچي: سنڌ حڪومت درسي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ ڪرپشن جي الزامن هيٺ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي معطل ڪري عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

نوٽيفڪيشن موجب چيئرمين آغا سهيل کي قائدن جي ڀڃڪڙي تي عهدي تان هٽايو ويو، آغا سهيل تي درسي ڪتابن جي ڇپائي ۾ ڪرپشن جا الزام آهن

 آغا سهيل کي تعليم کاتي غيرقانوني ٽينڊر جاري ڪرڻ کان منع ڪيو هو، سنڌ سرڪار آغا سهيل جي معطلي بعد  اختر بگٽي کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو