اسان جو مطالبو اقتدار ناهي، پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو ازالو چاهيون ٿا: نواز شريف

0
145
اسان جو مطالبو اقتدار ناهي، پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو ازالو چاهيون ٿا: نواز شريف
اسان جو مطالبو اقتدار ناهي، پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو ازالو چاهيون ٿا: نواز شريف

نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته اسان جو مطالبو اقتدار ناهي، پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو ازالو چاهيون ٿا، قوم کي ٻڌايو ملڪ تي ڌاڙو ڪنهن هنيو، چور چور چوندڙ پاڻ وڏا چور آهن

نواز شريف ن ليگ جي پنجين پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪرپشن جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل آهي، بند لفافو ڏيکاري ڪابينا کان منظوري ورتي وئي، لفافو کولي ڏٺو ئي نه ويو

نواز شريف چيو ته ڪجهه زخم اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن به ڀرجندا ناهن، اسان پوءِ به صبر جو مظاهرو ڪيو، ن ليگ جي قيادت کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو، چاهيون ٿا ته پاڪستان کي ترقي جي رستي تي ٻيهر آڻيون، خواهش آهي پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي

 نواز شريف پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جو نالو کڻڻ بدران چيو ته ملڪ تي هڪ اهڙي نااهل ۽ نالائق کي مسلط ڪيو ويو، جنهن کي معيشت جي ڪا به خبر نه هئي، اهو شخص صرف زباني ڪلامي رياست مدينه چوندو رهيو

هن چيو ته رياست مدينه ڇا هئي، هن کي ان جو اندازو ئي نه هو، ٻين کي نيچ ڏيکارڻ لاءِ رياست مدينه جو نالو وٺندو رهيو