ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بينڪ جي فنڊن سان شروع ٿيل ترقياتي منصوبن جي تفصيلي رپورٽ طلب، بينڪ جو وفد به رٿائن جي جائزي لاءِ سنڌ جو دورو ڪندو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ تازو ٻوڏ واري صورتحال دوران ڄامشوري ۽ دادو سميت صوبي جي مختلف ضلعن ۾  ٿيل تباهي ۽ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ کانپوءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ وفاقي حڪومت کي مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ، متاثر ٿيل انساني آبادي کي اجھا مهيا ڪرڻ توڙي زرعي معيشت جي نقصان جي ازالي ۽ دريائي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اربين رپين جو قرض ڏنو هو، هاڻ ايشيائي ترقياتي بينڪ سنڌ ۾ شروع ڪيل منصوبن بابت وفاقي حڪومت کان ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جنهن بعد وفاقي حڪومت پاران سنڌ سرڪار کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ترقياتي منصوبن توڙي سنڌوءَ درياهه جي بندن جي مرمتي ڪم جا تفصيل اماڻيا وڃن، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد جي 30 مئي تي اسلام آباد پهچڻ جو به امڪان آهي، امڪان آهن ته ايشيائي بينڪ جو وفد سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعن جو دورو پڻ ڪري. واضح رهي ته ڄامشوري ۽ دادو ضلعن جي اڌ کان وڌيڪ آبادي لڏپلاڻ ڪئي هئي.