ڪوٽڙي/ سيوهڻ/ڀان سيد آباد (رپورٽ: شوڪت ميمڻ/ اشرف عطار/ آصف ميمڻ) ڀان سيدآباد لڳ قتل ڪيل ناري نورعين فاطمه جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي. سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ جي وومين ميڊيڪل آفيسر قرت العين ميمڻ جي صحيح سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نورعين کي ساڄي پاسي کان لوندڙيءَ ۾ گولي لڳي کاٻي پاسي کان ڪراس ڪري وئي آهي، جنهن سبب سندس مٿي ۾ 4 کان 6 سينٽي ميٽر  سائز جو زخم يا سوراخ ٿي پيو، جنهن ڪري سندس موت ٿيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته گولي کيس ويجهي کان لڳل آهي پر رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته ويجهي کان لڳل گولي سبب زخم جي جاءِ تي جيڪي سڙڻ يا گولي جي شعلي سبب دونهين جا  نشان ٿيندا آهن سي نشان نورعين کي لڳل گولي جي ارد گرد نظر ناهن آيا. رپورٽ ۾ خودڪشي يا قتل کي واضح ڪرڻ بدران ڄاڻايل آهي ته خودڪشي يا قتل جو تعين جاءِ واردات تي مليل شاهدين يا پوليس جي جاچ مان ئي پوندو.ٻئي  ڪجهه قانوني ۽ طبي ماهرن هن رپورٽ کي منجهائيندڙ ۽ مبهم رپورٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته مبهم رپورٽ هوندي به هي رپورٽ 60 سيڪڙو قتل ڏانهن اشارو ڪري ٿي تنهن هوندي به هن رپورٽ مان مڪمل طور تي خودڪشي يا قتل جو سهي اندازو لڳائي نٿو سگهجي.