ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ موجوده ملڪي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ پ پ بلوچستان جو صدر چنگيز جمالي ۽ مير علي حسن زهري به موجود هئا.ذريعن موجب ڄام ڪمال جي تمام جلد پ پ ۾ شموليت جو امڪان آهي.