سنڌ حڪومت پاران پينو فقيرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو

0
270
ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو
سنڌ حڪومت پاران پينو فقيرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي فيصلو ڪيو آھي ته گداگرن کي به ڪورونا ويڪسينيشن لڳائي ويندي. سنڌ جي صحت کاتي پاران گداگرن کي ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سمورن ضلعي آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي صحت کاتي جي مطابق ، هن وقت ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ پينو فقير آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پينو فقير آهن.

صحت کاتي چيو آهي ته يونين ڪائونسل جي سطح تي پلان ٺاهي پينو فقيرن جي ويڪسينيشن ڪئي ويندي ۽ کين سنگل ڊوز ويڪسين ڏني ويندي.