سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي نائب صدر سيد طاهر شاھ الزام ھڻندي چيو آھي ته سنڌ حڪومت بلديدتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، آر اوز ۽ اي آر اوز پنهنجي ورڪرز کي مقرر ڪيو آهي، جنھن متعلق تصويرن سميت  اعتراض اليڪشن ڪميشن کي اماڻي ڇڏيا آهن. سکر ۾ ڳالھائيندي سيد طاھر شاھ وڌيڪ چيو ته اليڪشن قانون بابت عدالت 24 مئي تائين ٽائيم ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 16 مئي رکي آهي، جيڪڏهن 24 مئي تي نئون اليڪشن فارمٽ آندو ويو ته فارمز جو ڇا ٿيندو، اليڪشن ڪميشن کي 24 مئي بعد فارم وصول ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ طاھر شاھ وڌيڪ الزام مڙھيندي چيو ته سنڌ حڪومت 15 سالن کان اليڪشن ۾ پوليس کي استعمال ڪيو آهي، اليڪشن کان اڳ ڌانڌلي متعلق پارٽي قيادت کي به آگاهه ڪيو آهي.