قمبر ( رپورٽ: عبدالحميد گوپانگ) پ پ طرفان قمبر ميونسپل ڪميٽي جي 14 وارڊن تي پنھنجن اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ 26 جون تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ميونسپل ڪميٽي قمبر جي 14 وارڊن تي تي پنهنجي اميدوارن جو اعلان ڪندي کين پارٽي ٽڪيٽ الاٽ ڪري ڇڏي آهي. جنھن ۾ ميونسپل ڪميٽي قمبر جي وارڊ نمبر 1 تي گدا حسين ڪوري وارڊ نمبر 2 تي احمد علي مستوئي وارڊ نمبر 3 تي محمد خان وڌو وارڊ نمبر 4 تي محمد پنهل سومرو  وارڊ نمبر 5 تي علي جان ٻرڙو وارڊ نمبر 6  نواب زادھ ريحان خان چانڊيو وارڊ نمبر 7 تي سلطان احمد گوپانگ وارڊ نمبر 8 تي زاھد حسين گوپانگ وارڊ نمبر 9 تي لياقت علي گوپانگ وارڊ نمبر 10 تي نظير احمد گوپانگ وارڊ نمبر 11 تي عبدالرحيم منگي وارڊ نمبر 12 تي شھبان علي شيخ وارڊ نمبر 13 تي غلام عباس بروهي ۽ وارڊ 14 تي نور احمد بروهي شامل آهن جڏهن تہ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ طرفان باقي پارٽي ٽڪيٽ لاءِ اپلاء ڪندڙ اميدوارن کي نامزدگي فارم جمع نه ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.