ٽنڊوميرعلي ( ن پ ا) ٽنڊو ميرعلي ٽائون ڪاميٽي ۾ اليڪشن جو چھچٽو جاري آهي. پ پ پاران پراڻن ڪارڪونن کي نظر انداز ڪرڻ سبب انهن ۾ مايوسي ڇانئجي وئي آهي. پ پ پاران نون چھرن کي سامھون آندو ويو  آهي، پراڻن چھرن ۾ اڳوڻو يوسي  ناظم فيض محمد سيال  اڳوڻو چيئرمين فيض ِموجائي  اڳوڻو ڪائونسلر  بنل شاھ اڳوڻو ڪائونسلر حاجي امتياز  عامر اڳوڻو  وائيس چئرمين  ڪاشف رضا  ٻانڀڻ   ٽڪيٽ کان محروم   ٿي ويا آهن، جڏھن ته جي  ڊي اي طرفان اشفاق شمس وارڊ نمبر 3 ۽ ايڊوڪيٽ مھتاب شر طرفان  وارڊ نمبر پنج تي   فارم  ڀرائي ڇڏيو جڏھن تہ پ پ طرفان ٽڪيٽ  حاصل ڪندڙن ۾  حاجي عبدالمجيد   آرائين وڏيرو ربنواز عامر ايم پي اي  ساجد  ٻانڀڻ جو ڀاء اڳوڻو ضلعي وائيس چئرمين ڪاشف علي ٻانڀڻ  لياقت علي ملڪ علي احمد سيال علي داد جوڳي  ساجد ڊينگھو پ پ جي ٽڪيٽ وٺڻ ۾ ڪيامياب  ٿي ويا آهن، پي ٽي آءِ طرفان وارڊ نمبر پنج تي شمشاد مصطفيٰ ٽڪيٽ  حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب  جي ڊي طرفان  وارڊ نمبر ٽي تي بيھندڙ مھتاب شر چيو ته  عوام پ پ مان بيزار ٿي چڪو آھي  عوام ۾ شعور اچي چڪو آھي  اسان سان عوام جو  ساٿ آھي اليڪشن کٽي مخالفن جون وايون بتال ڪنداسين.. ٻئي طرف پ پ طرفا وارڊ نمبر پنج تي نامزد  لياقت ملڪ چيو ته ھميشه جيئان پ پ کٽندي  پ پ عوامي پارٽي آھي اسان ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آہ يئ جي ڊي جو ڪو وجود ناھي رھيوئ مخالفن کي ھار نصيب ٿينديئ