خيرپور (رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ عقيل حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ پندرهن سالن کان ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، پيپلزپارٽي سنڌ مسواڙ تي ڏئي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته برساتن کي 8 مهينا گذري چڪا آهن پر ڪوٽڏيجي، ٺري ميرواهه، فيض گنج، گمبٽ، بوزدار وڏا ۽ ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، برسات متاثر هن وقت بُک ۽ اُڃ تي سرڪاري امداد آسري ويٺل آهن. سنڌ حڪومت گذريل برساتن کي ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته بک، بدحالي ۽ لاقانونيت جو راڄ آهي. سنڌ جو عوام پنهنجي بنيادي حقن کان محروم بڻيل آهي. سنڌ کي بلوچستان نه ٺاهيو، ٻي صورت ۾ حالتون خراب ٿينديون.