پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ يتيم نينگر بيماري سبب هلڻ ڦرڻ، ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جي سگھه کان محروم ٿي ويو، ڳوٺ حسين بخش جويو واسي يتيم نينگر رسول بخش گذريل هڪ سال کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا هجڻ ڪري بستري ڀيڙو ٿيل آھي، نينگر جي امڙ پنج سال اڳ ڊليوري دوران فوت ٿي وئي، جڏھن ته 2 سالن بعد سندس پيءُ به دنيا ڇڏي ويو، نينگر هن وقت هلڻ، ڦرڻ، ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جي سگھه کان محروم ٿي ويو آهي، نينگر جي وارثن سرڪار ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته سندس علاج ۾ مدد ڪري نينگر جي زندگي بچائي وئي.