نصيرآباد (ن پ ا )نصيرآباد جي منگي محلا جي رهواسڻ خديجة الڪبريٰ، وحيده بانو، دعا ۽ غلام زاهده پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جو والد عبدالهادي مسڻ فوت ٿي ويو آهي. جنھن کي صرف اسان چار نياڻيون ۽ هڪ گھرواري غلام زاهده اٿس، ڀائر ناهن، هنن چيو ته بابا مرحوم جي ڀاڻج مظفر کوکر زمين تي قبضو ڪيو آهي، جيڪو پلاٽن جي صورت ۾ وڪرو پيو ڪري.سندن چوڻ هو ته بابا کي سندس ڀاڻيجي نشي آور ۽ زھريلون ٽڪيون کارائي ماري ڇڏيو .زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان وٽ پاڻ کي ساڙڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي.