ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ تعلقي انتظاميا ۽ واپارين پاران بچت اسٽال لڳايو ويو، کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪو خاص فرق نه هئڻ سبب اسٽال تي عوامي دلچسپي گهٽ رهي، رهواسين بچت اسٽال کي فارملٽي قرار ڏئي ڇڏيو،  ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پاران رمضان شريف ۾ عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ شهر سطح تي بخت بازار لڳائڻ واري فيصلي تي عمل ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو ۽ واپاري ايسوسيئيشن پاران ميرپوربٺورو جي مين بس اسٽاپ تي قائم پبلڪ پارڪ ۾ بچت اسٽال لڳائي روزمره جي استعمال جو شيون اٽو، گيھ، سبزي ۽ مرغي گوشت سميت مختلف شيون رکيون ويون، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ڀيٽ ۾ گهٽ فرق سان سامان جي اگهه سبب ايڪڙ ٻيڪڙ خريداري رهي، ان حوالي سان رهواسين نعمان شورو، تاج محمد، حبيب ملاح ۽ ٻين موجب ته بچت بازار جي نالي ۾ عوام سان مذاق ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اٽو، کنڊ، گيھه ،مرغي گوشت ۽ سبزي جي اگهن ۾ في ڪلو تي 5 کان 10 رپيا گهٽتائي ڪري ڏيکاءُ ڪيو ويو آهي. جنهن سان ڪوبه فرق نه پيو آهي، هوڏانهن مارڪيٽ ڪاميٽي عملدار ارشاد ميمڻ موجب ته بچت بازار ۾ روزانه کاڌي پيتي جي استعمال جي شين جي 15 کان وڌيڪ اگهن ۾ واضع فرق سان سامان موجود هو پر عوام پاران دلچسپي نه ڏيکارڻ سمجھه کان ٻاهر آهي.