سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ٿڌ ۾ واڌ

0
226
سنڌ جي مختلف شهرن

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ٿڌ ۾ واڌ، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير برسات پئي، جيڪا مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان جاري آھي

  صدر، ڊفينس، ملير، گلستان جوهر، کارادر، ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾برسات، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سجاول، غوثپور، دادو، جوهي، ڪشمور، ميرپور ٻرڙو ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پئي، نوابشاهه، ڪرونڊي، ٻانڌي، دڙو ۽ ڀرپاسي هلڪي برسات، واهي پانڌي ويجهو گورک هِل اسٽيشن تي وسڪاري بعد سيءُ وڌي ويو

مختلف شھرن ۾ برسات سبب رستن ۽ گھٽين ۾ پاڻي بيھجي ويو، ماڻھن جون گاڏيون بند ٿي ويون، عوام ٿڌ ۾ واڌ ۽ برساتي پاڻي بيھڻ سبب پريشانين کي منھن ڏئي رھيو آھي، گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشانين کي منھن ڏئي رھيو آھي