جمهوريت جي اميد ۽ علامت

0
225
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪي ڪي اڳواڻ پنهنجي ڪردار سان رڳو هڪ پارٽي, هڪ ڌر،ڪنهن ڌڙي تائين محدود نه رهندا آهن پر اهي سڀني لاءِ هڪ جيترا معتبر ۽ احترام لائق ٿي ويندا آهن جن جي جدوجهد سبب اهي انسانذات،جمهوريت،بنيادي حقن لاءِ اميد ۽ علامت ٿي ويندا آهن.شهيد محترمه بينظري ڀٽو کي به بلاشڪ عالمي اڳواڻن جي اهڙي فهرست ۾ ڳڻي سگهجي ٿو جنهن نه رڳو پاڪستان بلڪه سڄي دنيا جي انسانن جي عزت لائق زندگي لاءِ جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي، هن جي جاکوڙ،جدوجهد يا ڪردار دنيا جي هر ڪنڊ ۾ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙن لاءِ علامت بڻجي وئي آهي. هو رڳو ماروي ملير جي نه هئي پر هو انهي جمهوريت جي به اميد هئي جنهن لاءِ اڄ به پاڪستان ۾ هر طريقي سان جاکوڙ جاري آهي.اڄوڪو ڏانهن اهو اڀاڳو ڏينهن آهي جنهن تي جمهوريت جي دشمنن مٿس حملو ڪيو ۽ کيس شهيد ڪري ڇڏيو تنهن ڪري جيڪڏهن انهي جي شهادت کي جمهوريت جي اميد جي  قتل جي ڪوشش چئجي ته غلط نه ٿيندو پر ڇا اميد ۽ علامتن کي به قتل ڪري سگهجي ٿو؟

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سڄي سياسي زندگي انهي عوام جي آزادي ۽ جمهوريت لاءِ گذري جيڪي اڄ به انگ اگهاڙا آهن جيڪي اڄ به ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن جن جي اظهار تي اڄ به پابنديون آهن.هو جيڪا پاڪستان ۾ چئني صوبن جي زنجير سمجهي ويندي هئي،هوءَ جيڪا وفاق جي علامت سمجهي ويندي هئي،هوءَ جيڪا ڪشمور کان ڪوئيٽا،لاڙڪاڻي کان لاهور،پشاورکان پنڊي،گلگت کان مظفر آباد تائين عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندي رهندي هئي جنهن هر انهي آمر سان مهاڏو اٽڪايو جنهن جمهوريت تي راتاهو هڻڻ يا عوام جا حق غصب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.اڄ به ملڪي سياست ان جي جدوجهد جي ذڪر کان سواءِ اڌوري آهي.هوءَ جيڪا اڄ به هر انهي انسان لاءِ آٿت ۽ ڏڍ بڻيل آهي جيڪو حقيقي جمهوريت لاءِ جاکوڙي رهيو آهي،هن جي جدوجهد اڄ به انهن لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي جيڪي بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن.

هوءَ اڄ به انهن پيٽ بکايل ٻارڙن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي جيڪي بنيادي تعليم کان ته محروم آهن پر گرمي سردي ۾ پنهنجي انگ کي اوڍڻ کان لاچار بڻيل آهن. پر ڇا اسان اڄ انهي عظيم اڳواڻ جي انهي فڪر  ۽ انهي فڪر لاءِ ڏنل قرباني سان صحيح انصاف ڪري سگهيا آهيون يا ان جي صحيح نموني پوئيواري ڪري سگهيا آهيون؟ هن جن شين لاءِ جدوجهد ڪئي ڇا اهي ملڪي سياست يا ملڪي عوام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي جيڪڏهن  نه ته پوءِ محترمه جي جدوجهد جو اهو خواب اڌورو آهي جنهن لاءِ هن پنهنجي سڄي حياتي نه رڳو وقف ڪري ڇڏي پر انهي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو.انساني آزادي ۽ جمهوريت کان خائف قوتن جي اها ڪوشش هئي ته کيس رستي تان هٽائي عوام جي خوشحالي جي خواب آڏو بند ٻڌجن پر خوابن کي ڪڏهن به قيد نه ٿو ڪري سگهجي نه ئي قتل ڪري ٿو سگهجي.

اسان سمجهون ٿا پاڪستان جهڙا معاشرا جيڪي گهڻ لساني آهن جيڪي گهڻ قومي آهن انهن جو جياپو انهي جمهوريت ۾ ئي آهي جنهن لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جهڙين شخصيتن نه رڳو جدجهد ڪئي پر ان لاءِ پنهنجي حياتي جي قرباني به ڏني.تنهن ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج پيش ڪرڻ جو بهتر ۽ صحيح طريقو اهو آهي ته ملڪ ۾ آئين جي مڪمل حڪمراني ۽ مڪمل جمهوريت لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪجي،ڇاڪاڻ ته شخصيتن کي ته رستي تان هٽائي سگهجي ٿو پر جدوجهد جي علامت بڻجي ويلن کي مٽائي نه ٿو سگهجي. محترمه به جمهوريت جي اهڙي اميد جي علامت بڻجي وئي جنهن کي نه ڪو آمر،نه اوندهي جون پوڄاري قوتون،نه  وقت ۽  نه ئي تاريخ ختم ڪري سگهن ٿيون،سندس ڪردار جمهوريت جي جدوجهد جي آسمان تي سدائين چنڊ وانگر چمڪندو رهندو .