شهيدن جا قافلا

0
297
شهيدن جا قافلا

   مون شيخ مجيب جي باري ۾ ڪٿي پڙهيو هو ته هن جي تصوير اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ موجوده بنگلاديش جي اڪثر گهرن ۾ سجايل هوندي هئي. انهن گهرن ۾ گهڻا گهر غريب بنگالين جا هئا. هڪ ڀيري بنگال جي هڪ دکي ماءُ ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڀت تان “بنگلا بنڌو” جي تصوير لاهي اڇلائي ۽ جڏهن ڪجهه وقت روئڻ کان پوءِ ٻار وانگر هن جي دل هلڪي ٿي ته هن اها تصوير واپس کڻي ڀت تي ٽنگي ڇڏي. اسان ان دور ۾ جنم ورتو آهي، جنهن دور جي هر ديوار تي بينظير جي تصوير هوندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ڪاوڙ ۾ اها تصوير لاهي به ڇڏيندو هو ته هو پاڻ يا گهر جو ٻيو ڀاتي اها تصوير وري سجائي ڇڏيندو هو.

   گذريل صديءَ جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جون هاسٽلون سياسي بحثن جا ماڳ مڪان سمجهيون وينديون هيون. هاسٽلن جي رومن ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۽ شهرن مان آيل نوجوان ضياءَ جي آمريت خلاف بغاوت جي باهه کڻي ايندا هئا. ان دور ۾ ڪراچيءَ جي موسم مست هوندي هئي. جڏهن ساحلي شهر جي رات ٺرندي هئي، تڏهن بحثن جي باهه ٻرندي هئي ۽ مون ان وقت نوٽ ڪيو هو ته قومپرستيءَ تي سنڌين سان بحث ڪندڙ ترقي پسند پٺاڻ ان مهل جذباتي ٿي ويندا هئا، جڏهن ڪوئي “باچا خان” جي مٿان تنقيد ڪندو هو. جيتوڻڪ سرخ ٽوپي پائي هلندڙ پشتونن جو رهنما ڪميونسٽ يا سوشلسٽ نه هو پر هن جي ترقي پسند پٺاڻ به عزت ڪندا هئا. ڪجهه ماڻهن جا تصور اهڙو روپ وٺي ويندا آهن جو اختلافن جي باوجود به انهن جو احترام ڪرڻ لازمي بڻجي ويندو آهي. بينظير ڀٽو سان سياسي اختلاف ته گهڻن کي هئا، سنڌ ۾ سنڌي قومپرست هن جا سخت مخالف هئا پر اڄ انهن جي لفظن توڙي انهن جي لهجي ۾ بينظير ڀٽو جي لاءِ جيڪو احترام آهي، اهو ڪوئي سياسي اختلاف ختم ڪري نه ٿو سگهي.

بينظير ڀٽو جي شهادت تي عبدالواحد آريسر جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان ڪتاب جو نالو هو “اميد جو قتل”! هوءَ اميد ئي ته هئي. اها حقيقت آهي ته هوءَ صرف هڪ طبقي يا هڪ صوبي جي لاءِ اميد نه هئي پر هوءَ گهڻن صوبن ۽ گهڻن طبقن ۾ ڀرپور اميد جي علامت سمجهي ويندي هئي. عوام ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب جو غريب عوام بينظير ڀٽو جي عزت نه ڪندو هو پر هن سان پيار ڪندو هو. جيتوڻي هئي بادشاهي گهراڻي سان تعلق رکندي هئي پر پوءِ به هر غريب گهر ۾ هن جو تصور هڪ ڀاتيءَ جهڙو هوندو هو. وڏي عمر وارن ماڻهن جي لاءِ هوءَ ڌيءَ هئي. نوجوانن ۾ هن جو ڀيڻ وارو رشتو هو. هوءَ واقعي عوام جي دلين ۾ رهڻ واري شخصيت هئي.

غريبن جو بينظير سان پيار غيرمشروط هو. جڏهن ته امير طبقن جي ماڻهن بينظير سان مشروط محبت ڪئي. انهن جو خيال هو ته بينظير ملڪ ۾ وڏي تبديلي آڻيندي. ترقي پسندن جو خيال هو ته بينظير ڀٽو پنهنجي شهيد والد جي واٽ وٺندي ۽ هوءَ هڪ سامراج مخالف جمهوري تبديلي آڻي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڪمزور ۽ ڪنڊائتو ڪري وڏيراشاهيءَ مخالف فيصلا وٺندي ۽ عوام کي جيئري، جاڳندي ۽ صحتمند جمهوريت ڏيندي. جڏهن بينظير ڀٽو اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهي، تڏهن به ان طبقي جي ماڻهن ۾ بينظير ڀٽو جي لاءِ احترام جو جذبو آخرتائين رهيو ۽ جڏهن هوءَ اچانڪ ڊسمبر جي سرد شام ۾ شهيد ٿي وئي ته ماڻهن جي دلين ۾ اختلافن جا ڪک پن اڏامي ويا ۽ انهن جي اکين ۾ ايترا ته ڳوڙها ڀرجي آيا، جيترا ڳوڙها پاڪستان جي سياست جي دفتر ۾ ڪڏهن به موجود نه رهيا آهن.

بينظير ڀٽو کي وڏي پلاننگ ۽ باقاعده سيٽنگ سان قتل ڪيو ويو. جڏهن ته بينظير ڀٽو جي اها پلاننگ نه هئي ته هوءَ شهيد ٿي وڃي ۽ پويان هن جي پارٽي هر صورت ۾ اقتدار وٺڻ لاءِ سمجهوتا ڪرڻ جي ڪاريگر بڻجي وڃي. بينظير ڀٽو تمام وڏي محنت سان پارٽيءَ کي توازن ۾ رکڻ جي مهارت ڄاڻندي هئي. هن کي اختلاف رکڻ به ايندا هئا ۽ هوءَ انتظار ڪري به سگهندي هئي. جيڪڏهن هوءَ پرويز مشرف سان شروع ۾ سمجهوتو ڪري ها ته آصف زرداري نه رڳو ان وقت آزاد ٿي وڃي ها پر هن کي اقتدار جو هڪ حصو پتي به حاصل ٿئي ها. ڇو ته پرويز مشرف جو ٽڪر شروع کان وٺي آخر تائين نواز شريف سان رهيو.

پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ هن جي دل ۾ نرم گوشو هو ۽ هن مخدوم امين فهيم کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي پر بينظير ڀٽو هن جي سياسي مخالف بڻجي بيٺي ۽ جيڪڏهن پرويز مشرف کي ڪنهن سياسي طور تي تمام گهڻو دٻاءَ ۾ آندو ته اهو نواز شريف نه هو. نواز شريف ته ڪوري ڪاغذ تي صحيح ڪري سڀ ڪجهه وساري جهاز ۾ ويٺو ۽ سعودي عرب جي محل ۾ پاڻ کي قيد ڪري ويٺو. مشرف لاءِ مصيبتن جو ماحول پيدا ڪرڻ واري ته بينظير ڀٽو هئي، جيڪا ڪڏهن ڪهڙي عالمي اخبار ۽ ڪڏهن ڪهڙي عالمي چينل کي انٽرويو ڏئي پرويز مشرف جي آپيشاهيءَ خلاف آواز اٿاريندي رهندي هئي.

پرويز مشرف ۾ پاور حاصل ڪرڻ جي صلاحيت به هئي ۽ هن ۾ اقتدار جي ڪڏهن به نه لهندڙ اڃ هئي. هن نه رڳو ملڪي پر عالمي اسٽيبلشمينٽ کي به پنهنجي حق ۾ ڦيرائي ڇڏيو هو. ايتري حد تائين جو هن آمريڪا کي ايترو ته قابو ڪيو جو هن جي ڪري آمريڪي صدر ڀارت جي وزير اعظم کي ناراض ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. دنيا جي ڪا به طاقت پرويز مشرف کي هٽائي نه سگهي ها پر بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڌماڪو پرويز مشرف جو پاڙون به اکيڙي ويو. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پاڪستان جي سياست مڪمل طور تي هڪ نئون رخ ورتو. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته شهيد ڀٽي جي حوالي سان هن جو منفرد ۽ دانشور دوست جي ايم مهڪري چوندو هو ته“شاعر هن ملڪ جي تاريخ ۾ ٻه دور رهيا آهن. هڪ تارامسيح کان اڳ وارو ۽ ٻيو تارا مسيح کان پوءِ وارو” پر بينظير ڀٽو کان پوءِ به اسان پاڪستان جي سياست کي پنهنجو رهيو کهيو وقار وڃائيندي ڏٺو.

هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ اها سگهه ئي ناهي، جيڪا فخر سان ڪنڌ کڻي سگهي. بينظير ڀٽو کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جو ملڪي سياست جي مٿان ايترو ته ڪنٽرول ٿي ويو جو پاڻ کي پاپولر ليڊر سمجهندڙ سياستدان به اسٽيبلشمينٽ جا نقاب بڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويا. هن وقت جيڪو به حڪمرانيءَ لاءِ تيار ٿي اچي ٿو، ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڪليئر آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ جو صرف ماسڪ بڻجي اقتداري ڪرسيءَ تي ويهندو. هن کي پنهنجو علم، پنهنجو عقل، جيڪو هونئن به اسان جي ملڪي سياست ۾ بنهه گهٽ آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٿورو گهڻو آهي ته ان کي پهريان جمع ڪرائي ان کان پوءِ اقتداري ايوانن ۾ پير ڌري سگهي ٿو. ڇو ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ وارا حڪمران ڪنهن به طور تي پسند ناهن. هن مهل سياست اسٽيبلشمينٽ کي خوش رکڻ جي چٽاڀيٽي بڻجي وئي آهي. هڪ ٻئي جي مٿان طنز ڪندي سياسي ڌريون وڏي فخر سان پنهنجي سيني تي هٿ هڻي چون ٿيون ته هو اسٽيبلشمينٽ کي حقيقي طرح سان خوش رکي سگهن ٿيون. ٽين دنيا جي ملڪن جي سياست ۾ بنيادي تضاد اهو آهي ته حڪمران ڪنهن کي خوش رکن؟ عوام کي يا اسٽيبلشمينٽ کي؟ اسان جا هاڻوڪا حڪمران عوام کي ناخوش ڪري اسٽيبلشمينٽ کي خوش رکڻ جي مهارت تي ناز ٿا ڪن.

بينظير ڀٽو اهڙي نه هئي. هن جي نظر ۾ سندس والد ۽ خاندان جو هڪ سياسي وقار به هوندو هو. هن کي به سياسي سمجهوتا ڪرڻا ٿي پيا پر هوءَ ڪڏهن به ايترو سمجهوتو نه ڪندي هئي جو هن جو اميج متاثر ٿي وڃي. بينظير ڀٽو کي پنهنجي اميج جو تمام گهڻو فڪر هو. هوءَ اقتدار جي لاءِ هر شيءَ داوَ تي لڳائڻ وارن منجهان نه هئي. ان ڪري هن کي عوام جي پاران ايتري گهڻي موٽ ۽ ايتري گهڻي محبت ملي. ماڻهو جيڪڏهن انگريزي اخبارن جا ايڊيٽوريل ۽ سياسي فڪر وارا ڪتاب نه ٿا پڙهن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته عوام کي سياست جي سچ ۽ ڪوڙ جو ڪو پتو ڪونهي. بينظير ڀٽو کان پوءِ عوام جي سياست کان بيزاري جو سبب آخر ڪهڙو آهي؟ عوام سمجهي ورتو ته هن مهل هر طرف کان ڪٽي کائو مجنون ڪاهي پيا آهن ۽ ملڪي سياست ۾ انهن مجنن جو مقدار تر جيترو به بچيو آهي، جيڪي آدرش جي لاءِ رت ڏيڻ خاطر هر پل تيار هوندا هئا. جيڪي ماڻهو سياست ۾ لطيف جي انهن لفظن جا لڄپال هوندا هئا ته:

“سر ڏئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين

مرڻان منهن نه موڙ، وٽي ٿي وڌ لهي”

سياست ۾ سر ڏئي سٽ جوڙڻ وارا ۽ آدرشن جي لاءِ ننڊ نهوڙي اوجاڳن سان عشق ڪرڻ واري جنس ڪيئن نه تيزيءَ سان ختم ٿيندي وئي. اسان کي بينظير ڀٽو کان پوءِ واري سياسي ماحول ۾ اهو رنگ ڍنگ نظر ئي نه ٿو اچي، جيڪو جمهوريت جي بي رنگ لفظ ۾ لال رنگ ڀريندو هو. جمهوريت جو لفظ پاڻيءَ وانگر آهي. بي رنگو ۽ بي بتو. اهي انسانن جا آدرش آهن، جيڪي جمهوريت کي هڪ سڄاڻ ٿين ٿا ۽ جيڪي جمهوريت جي سينڌ ۾ سيندور ڀرين ٿا.

بينظير ڀٽو ان دور مان اڀري هئي، جيڪو دور ضياءَ جي آمريت خلاف سراپا احتجاج هو. بينظير ڀٽو جي سياسي تعليم پرڏيهه ۾ نه ملڪن جي جيلن ۾ ٿي ۽ هن جي سياسي تربيت انهن عوامي قافلن ۾ ٿي جيڪي ايئرپورٽ کان جلسي گاهه تائين ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سفر ڪندا رهندا هئا. انهن قافلن جا قدم اڄ به ماضيءَ جي گنبذ ۾ گونجي رهيا آهن. انهن قافلن جو صدائون هن مهل به اسان جي وجودن کي جهنجهوڙي رهيون آهن. انهن قافلن جو سماءُ هن مهل اسان پنهنجي ساهه پساهه ۾ محسوس ڪري سگهون ٿا. اهي قافلا اسان جي اندر ۾ اڄ به روان دوران آهن. اهي قافلا جن جي سرواڻي “شهيد ڀٽي جي نياڻي” ڪري ٿي. اهي قافلا هلن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کان پڇن ٿا، اسان کي منزل ڪڏهن ملندي؟