حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد ايندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار، ڪمند جو اگهه  500، سارين جو اگهه 2500 ۽ ڦٽين جو اگهه 10 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن موجب اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سنڌ جي برسات متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر، سينيئر نائب صدر مير ظفر الله ٽالپر ٻين آبادگارن سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تازين برساتن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ فصل تباهه ٿي ويا آهن جنهن سان آبادگارن کي سخت نقصان پهتو آهي ان ڪري سنڌ سرڪار فوري طور تي برسات متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي آبادگارن کي رليف فراهم ڪري. هنن چيو ته ملڪ ۾ آبادگارن سان ظلم ٿي رهيو آهي. بجلي بلن جي مد ۾ آبادگارن تي بجلي جو بم ڪيرايو پيو وڃي. آبادگار پهرين بجلي بل 25 هزار رپيا ماهوار ادا ڪندا هئا پر بجلي جا اگهه وڌڻ کانپوءِ اهو بل هاڻي هڪ لک رپين تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ڊيزل مهانگو هئڻ سبب آبادگارن ۾ قوت خريداري ختم ٿي وئي آهي. فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي عوام تي اضافي بار وڌو ويو آهي. ڊيزل ۽ ڀاڻ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ڊي اي پي ڀاڻ في ٻوري 15 هزار رپيا، اين پي 8200 ۽ يوريا 2700 رپيا هئڻ ۽ آبادگارن جي پيداوار گهٽ لهڻ سبب سندن ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته ايندڙ سال ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿئي ته فوري طور ڪڻڪ جو اگهه 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آبادگار صرف پنهنجي ضرورت لاءِ ڪڻڪ پوکيندا. هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زراعت جي شعبي کي بچائڻ لاءِ فوري زرعي شين تي سبسڊي ڏئي ڀاڻ، ڊيزل، ٻج ۽ بجلي جا اگهه گهٽايا وڃن ٻي صورت ۾ سنڌ آبادگار اتحاد مختلف آبادگار تنظيمن سان گڏجي آئنده جو لائحه عمل جوڙي سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.