مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور لڳ پرائمري اسڪول توربند مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف استادن وزير احمد جوڻيجو، شبير ڪيهر، سليم سومرو ۽ شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته گرمين جون موڪلون ختم ٿي ويون آهن، بدبوءِ ڦهلڻ ڪري اسڪول ۾ ويهڻ ڏکيو  ٿي ويو آهي، نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪري ڏنو وڃي.