حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ اڪثر علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن جنهن ڪري شهري ۽ عزادار سخت پريشان آهن. عزادارن جو چوڻ آهي ته محرم الحرام دوران به ماتمي جلوسن جي گذرگاهن وارن علائقن ۾ صفائي سٿرائي ناهي ڪرائي وئي جنهن ڪري رات جي وقت ماتمي جلوسن دوران کين سخت پريشانيون ٿي رهيون آهن. عزادارن موجب ته سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد  مان روزانو ڪيترائي ماتمي جلوس نڪري رهيا آهن پر ايڇ ايم سي جي دعويٰ باوجود ڪٿي به اسٽريٽ لائيٽون ناهن لڳايون ويون جنهن ڪري جلوس اونڌاهي ۾ برآمد ڪرڻ تي مجبور آهيون. عزادارن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسٽريٽ لائيٽون لڳائي گهٽين، چوڪن ۽ چوراهن جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ هو سخت احتجاج ڪندا. هوڏانهن لطيف آباد يونٽ نمبر 12 جي يونين ڪميٽي 109 ۽ 82 وارن علائقن ۾ به گندگي ۽ غلاظت سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا بڻيل آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته گٽر نالن جي صفائي نٿي ڪرائي وڃي جنهن ڪري برسات دوران گٽرن ۽ برسات وارو پاڻي گهٽين ۽ رستن تي بيهجي ويو آهي. گندگي ۽ غلاظت سبب اسڪولن ڏانهن ويندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون به پريشان آهن جڏهن ته سندن اچ وڃ به سخت متاثر پئي ٿئي. علائقي واسين ايڇ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن سندن علائقن مان گندگي ۽ غلاظت جو اظهار ختم ٿي سگهي.