اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا ۽سنڌ جي انڊس زون ۾ خريف دوران پاڻي زيان جي شرح 35 سيڪڙو ٿيڻ جي اندازي باوجود واپڊا جي فرمائش تي جاچ ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ سنڌ ۽ ارسا پاران هلندڙ سيزن ۾ پاڻي زيان 35 سيڪڙو ٿيڻ جو انگ ڏنو، جڏهن ته واپڊا اختيارين واري 30 سيڪڙ زيان جو ڪاٿو لڳايو، ارسا ۽ سنڌ جي ڪاٿي باوجود مامري کي اينگهائڻ لاءِ پنجاب ۽ سنڌ تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي، جيڪا پاڻي زيان جون ٻيهر ڪاٿو هڻندي، هوڏانهن ارسا ترجمان خالد رانا ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽاپ اسٽوري ۾ ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته سنڌ پاران خريف سيزن دوران انڊس زون ۾ پاڻي زيان جو ڪاٿو 35 سيڪڙو هجڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو هو، جڏهن ته واپڊا جو به موقف هو ته انڊس زون ۾ لاسز 30 سيڪڙو تائين آھن، پنجاب سنڌ جي موقف سان اختلاف ڪيو، جنهن بعد پاڻي زيان جي تعين لاءِ نئين ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، هن چيو ته ٽه رخي فارمولي بجاءِ خريف سيزن لاءِ پاڻي ورڇ 91ع ٺاهه تحت ڪرڻ وارو سنڌ جو مطالبو ان ڪري رد ٿيو جو سنڌ پاران اٿاريل اهو مامرو سي سي آءِ ۾ غور هيٺ آھي