نوابشاھه (رپورٽ: اياز ڏاهري) بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز نوابشاهه جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته عورتن کي خودمختيار بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت اڳوڻي صدر ۽ پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي ويزن تحت نواب شاھه ۾ پاڪستان جي پهرين بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم ڪئي وئي آهي جيڪا پاڪستان ايئر فورس جي انتظام هيٺ سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن کان ايندڙ نياڻين کي اعليٰ معيار جي تعليم سان گڏ سندن ڪردار سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽائيم نيوز جي سالگرهه جي حوالي سان ڳالهائيندي چيوته ته ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو صحافت واري معاملي ۾ ھڪ نئون نالو ٽائيم نيوز سامھون آيو آهي ۽ ٽائيم نيوز جلدي ٿوري وقت ۾ تمام گھڻي ترقي ماڻي آھي، مانَ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته وفاق اسان جو آھي پر وفاق ۾ ويٺلن مان جلدي جان ڇڏائڻي پوندي. هن چيوته سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهي آهي تعليمي ادارن جي قيام سان گڏ انهن کي فعال بنائڻ لاءِ پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. بعد ۾ سيد مراد علي شاھه ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، عوام ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ جي صورت ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي چيو ته وفاق جي رويي سبب صرف سنڌ صوبي کي نه پر سڄي ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي جيڪا پاليسي رکي وئي آهي ته نه ڪنهن صوبي سان ڳالهائڻو آهي نه ڪنهن سياسي جماعت سان ڳالهائڻو آهي ۽ نه وري قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائڻو آهي اهو رويو پوري ملڪ ۽ ملڪي معشيت کي نقصان پهچائي رهيو آهي وڏي وزير پاڻي جي کوٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ سي سي آءِ جي ٿيل اجلاس ۾ مون پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون هيون ۽ ڊسمبر 2019 ۾ ٿيل اجلاس ۾ اٽارني جنرل پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سنڌ جي موقف جي تائيد ڪئي وئي هئي پر ان ۾ فيصلي ڪرڻ بدران هڪ ٻي ڪاميٽي جوڙي مهيني اندر سفارشون ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر بدقسمتي سان گذريل ڏيڍ سال کان اها ڪاميٽي ئي ناهي جوڙي وئي. سنڌ کي 50سيڪڙو گھٽ پاڻي ملڻ واري صحافي جي سوال تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي، ٽه رخي فارمولا جي خلاف اسان جو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آهي پر ٽن سالن کان ان کي ٻڌو نٿو وڃي، تازو مون وزيراعظم آڏو اهو معاملو رکيو، وزيراعظم تاريخي فارمولا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. سي سي آءِ جي سومر واري معمول جي اجلاس کان پوءِ ٿيندڙ ٻئي اجلاس ۾ اسان جو ڪيس ٻڌو ويندو ۽ انشاء الله اسان ڪاميابي ماڻينداسين. 91 تحت پاڻي ورڇ تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. ھن چيو ته پاڻي اسان جو حق آھي ۽ اسان پنھنجو حق وٺندا سين. ھن چيو ته جھانگير ترين اڃا تائين به پي ٽي آءِ ۾ رھڻ چاھي ٿو ته ان جي مرضي آھي جيڪو پ پ پ ۾ اچڻ چاھيندو ان لاءِ دروازا کليل آھن پ پ پ عوامي پارٽي آھي. هن وڌيڪ چيو ته مھانگائي آسمان سان ڳالھيون پئي ڪري مھانگائي مان جلدي جان ڇڏائڻ جي ضرورت آھي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيڊٽس ڪاليج جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري ڪاليج جو باقائده افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ڪيڊٽس پاران وڏي وزير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ڪاليج جي افتتاحي تقريب ۾ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ايم پي اي چوڌري طارق مسعود آرائين، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڪمشنر شهيد بينظيرآباد، ڊويزن سيد محسن علي شاھه، ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، پرنسپل برگيڊيئر رٽائرڊ محمد امين، پرنسپال ڪيڊٽ ڪاليج ايفت مسعود، راڻا صلاح الدين، مير محمد سيال سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.