اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي چونڊجڻ کان پوءِ 60 ڏينهن تائين حلف نه کڻندڙ چونڊيل ميمبرن جي سيٽن کي خالي قرار ڏيڻ لاءِ آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق ڪابينا جي قانون ڪاميٽي پاران تيار ڪيل آرڊيننس جي وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت چونڊجڻ کان پوءِ 60 ڏينهن اندر حلف نه کڻندڙ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن توڙي بلدياتي ادارن جي چونڊيل ميمبرن پاران حلف نه کڻڻ تي انهن جون سيٽون خالي قرار ڏئي سگهبيون، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙو آرڊيننس جاري ٿيڻ کان پوءِ 31 جولاءِ 2018ع تي ٿيل عام چونڊن دوران پنجاب مان آزاد حيثيت ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر چونڊيل چوڌري نثار علي خان جي سيٽ خالي ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇو ته ان پاران هن وقت تائين پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور حلف نه کنيو ويو آهي، جڏهن ته مارچ 2018ع ۾ سينيٽر چونڊجڻ کان پوءِ ن ليگ جي اسحاق ڊار به ميمبر طور حلف نه کنيو آهي، ان آرڊيننس کان پوءِ انهن جا تڪ خالي قرار ڏئي ٻيهر چونڊ ڪرائي سگهبي.