لاهور (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏي مافيا کي قانون هيٺ آڻيو پيا، کنڊ اسڪينڊل ۾ بنا فرق احتساب ٿيندو، تبديلي ڏکيو ڪم آهي، وقت لڳندو، مهانگائي ٿي ته تنقيد جو طوفان اچي ويو، اگهه گهٽيا ته ڪنهن ذڪر به نه ڪيو. لاهور ۾ ايل ڊي اي سٽي جي منصوبي نيا پاڪستان اپارٽمينٽس جو بنياد رکڻ جي موقعي تي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ وڏي وڏي مافياز کي پهريون ڀيرو قانون جي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، وڏيون سياسي مافياز قانون خلاف مزاحمت ڪري رهيون آهن، اصل ۾ هي پاڪستان لاءِ فيصلائتو مرحلو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اوهان ڏسي رهيا آهيون ته مڪمل جنگ هلي رهي آهي، پراڻو اسٽيٽس ڪو تبديلي اچڻ نه ٿو ڏئي، اسٽيٽس ڪو نظام ۾ رڪاوٽون نه وجهندو ته پيسا ڪيئن ٺاهيندو؟ تبديلي آڻڻ ڏکيو ڪم آهي، وقت ته لڳندو، جيئن ئي قانون جي بالادستي ٿيندي، معاشرو آزاد ٿي ويندو، ڪير پاڻ کي قانون کان مٿانهون نه سمجهي. عمران خان چيو ته ماڻهو چون ٿا ته مديني جي رياست ڪٿي آهي؟ ماڻهن کي چوان ٿو ته مديني جي رياست ۾ به پهرين کير جون نديون نه وهنديون، مديني جي رياست جو بنياد 12 اصولن تي ٻڌل آهي، قانون جي بالادستي ۽ ٻيو رياست جو فلاحي ڪردار آهي، مديني جي رياست ۾ قانون جي بالادستي هئي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ جهڙي قانوني نظام سان ئي قومون ڪامياب ٿينديون آهن، وزير اعظم عمران خان چيو ته نيا پاڪستان منصوبي بابت قانون پاس ڪرڻ ۾ 2 سال لڳا، مورگيج فنانسنگ ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو هئي، منصوبي بابت قانون پاس نه ٿئي ها ته بينڪ پيسا نه ڏئي ها، قانون پاس ڪرڻ تي عدالت جا ٿورائتا آهيون. ملڪ ۾ اڏاوتي شعبو هلي چڪو آهي، ان سان سلهاڙيل وڌيڪ صنعتون به هلي پيون آهن، مارچ ۾ سڀ کان وڌيڪ سيمنٽ جي پيداوار ٿي آهي. وزير اعظم عمران خان چيو ته مهانگائي ٿي ته طوفان اچي آيو پر اگهه گهٽ ٿيا ته ڪنهن ذڪر نه ڪيو، مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان پنجاب حڪومت جيڪي قدم کنيا آهن انهن کي اجاگر ڪيو وڃي. پنجاب ۾ کاڌي پيتي جي شين جي وڌندڙ اگهن جي حوالي سان وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس رٿيو ويو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، صوبائي وزيرن، خاص مددگارن، صلاحڪارن ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. سي ايم هائوس جي ذريعن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت سڄي صوبي ۾ کنڊ جيان ڪڪڙ جي گوشت ۽ گيهه جا اگهه به مقررڪندي جيئن وڌيل مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪڪڙ جي گوشت جي وڌندڙ اگهن کي نظر ۾ رکندي وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اِهو فيصلو ڪيو ته ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن کي لغام ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ وزير اعظم پنجاب حڪومت جي ميڊيا ٽيم کي ٽاسڪ ڏنو ته هو حڪومت جي سٺي قدمن کي اجاگر ڪري. کنڊ سٽي بابت بابت وزيراعظم چيو ته کنڊ اسڪينڊل ۾ احتساب بنا فرق ٿيندو، ان موقعي تي وزيراعظم شيون ذخيرو ڪري مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.