همايون شريف (رپورٽ: امداد پنهور) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني پاران افغاني پٺاڻن جي سپورٽ نه ڪرڻ واريون سموريون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، سندس پاران قائم ڪيل آل سنڌي پٺاڻ تنظيم جو صوبائي صدر به افغانستان جو شھري نڪتو،جنهن کي سنڌي ڳالھائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر سنڌي سمجهي به نه ٿو سگهي. پنهنجي اخبار پاران گڏ ڪيل معلومات موجب اڪثر آغا سراج دراني سان گڏ رهندڙ شفيع الله پٺاڻ جو پاسپورٽ ۽ شھريت افغانستان جي آهي، جيڪو آغا سراج دراني جو تمام ويجھو ساٿي آهي، جنهن ڪري آغا سراج دراني کيس پنهنجي تنظيم جو صوبائي صدر مقرر ڪيو آهي  شفيع الله پٺاڻ کي ڪيترائي ڀيرا آغا سراج دراني جي گاڏي ڊرائيورنگ ڪندي به ڏٺو ويو آهي،سنڌ جي سڄاڻ ۽ قومپرست ڌرين پاران گھر ڪئي وئي آهي ته آغا سراج دراني سان گورنر ھائوس ۾ ملڻ ويندڙ پٺاڻن جي تحقيقات لاءِ ايف آءِ اي جي خاص ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا سندس ھر چر پر ۽ موبائل ڊيٽا سميت ٻين سرگرمين جي وڏي پئماني تي جاچ ڪري. واضع رھي ته آغا سراج دراني ڪجهه وقت اڳ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جيڪڏهن سندس افغاني پٺاڻن سان لاڳاپا يا انھن جي مدد بابت ميڊيا ثبوت ڏي ته ھو سياست تان ھٿ کڻي ويندو.