رائونتي (رپورٽ: مظهر حسين چاچڙ) رائونتيءَ ڀرسان سيلرا ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار ٻيھر ڪر کنيو، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. گذريل ڏينهن رائونتيءَ جي ڪچي واري علائقي سونو دمدمو وٽ ھٿياربندن پراڻي دشمنيءَ تان فائرنگ ڪري ڳوٺ محبوب سيلرو جي رهواسين مرتضيٰ ۽ عبدالغني سيلرو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتول نوجوانن جي وارث الهوسايو سيلرو جو چوڻ هو ته مخالفن اڪبر، غفار سيلرو ۽ ٻين فائرنگ ڪري اسان جي نوجوانن کي قتل ڪيو آھي. جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته ڇاپا هنيا پيا وڃن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.