سنڌي ادب ۾ ورجاءُ وارو سوال

0
195
سنڌي ادب ۾ ورجاءُ وارو سوال

  پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکيل ادب ورجاءُ جو شڪار يا پڙھيل پڙھيل ان ڪري لڳندو آھي، جو ان جي ماحول ۾ اهو ڪجهه هوندو آھي، جيڪو اسان جي پسگردائي ۾ يا اسان سان ٿي رهيو هوندو آھي. اسين پاڻ ان ۾ پنهنجن دردن, خوشين ۽ ماحول سميت موجود هوندا آھيون. خاص طور ان وقت جڏهن لڳ ڀڳ ساڳين موضوعن تي ٻن کان وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ سامهون هجن. ايئن به ڪونهي ته اسان وٽ انهن موضوعن تي لکيو ناهي ويو، پر ڳالهه اها آهي ته ان لاءِ فنائتي اڻت يا پيشڪش ڪنهن بهترين فارم ۾ گهٽ ٿي ملي. جيتوڻيڪ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل پرڏيهي ادب واريون ڪهاڻيون يا ڪيئي پلاٽ به اهڙا به هوندا آھن، جيڪي اسان جي ادب ۾ به آهن، پر انهن ۾ ڪردار اسان لاءِ نوان هوندا آھن, ٻي ٻوليءَ مان آيل ادب هوندو آھي ۽ وڏي ڳالهه ته ماحول توڙي سيٽنگ يعني وقوع پذيري وارا هنڌ يا جايون جدا هونديون آھن. ان جو تاثر اسان تي نواڻ وارو يا الڳ طرح جو هوندو آهي، ان کي پڙهڻ جي نفسيات چئي سگهجي ٿو. نواڻ هر وقت ناهي ايندي, اها ان صورت ۾ ايندي آھي جڏهن فارم توڙي ٽيڪنڪ ۾ تجربن سبب ادبي ڌارا نئين پيدا ٿئي ٿي, مثال پاڻ وٽ سنڌ ۾ جڏهن شيخ اياز شاعراڻي فن توڙي تخليقي سگهه سان فڪر جا نوان لاڙا آندا ته سنڌي شاعري نئين لڳي, جڏهن نسيم کرل ۽ جمال ابڙي حقيقت نگاريءَ کي جدت سان پيش ڪيو ته سنڌي ڪهاڻي ۾ پڙهندڙ کي چس محسوس ٿيو ۽ پوءِ انهن جي موضوعن ۽ ڊڪشن جي تقليد ڪندڙن کي ساڳي پذيرائي نه ملي. امر جليل ۽ علي بابا ڪهاڻي ۾ جذباتيت emotionalism آندي ته نئين لڳي ۽ نورالهدي شاه جذباتي احساسيت  sentimentalismآندي ته ڪهاڻي وڻي پر اڳتي هلي ان طرح جون ٻين پاران لکيل نيون ڪهاڻيون به پڙهيل پڙھيل لڳيون, ماڻڪ ۽ حليم بروهي جو وجوديت وارو افسانوي ادب هڪ نئين هوا جي جهونڪي جيان هو. ويجهڙ ۾ وري رسول ميمڻ جو علامتي کان ويندي سريلئزم, جادوئي حقيقت نگاري ۽ ٻين ادبي ڌارائن جي رچاءُ سان آيل فڪشن پڙهندڙ وٽ هڪ الڳ تاثر قائم ڪيو. پر رسول ميمڻ يا ان طرح جي سنڌي لکندڙ کي اڃان ايترو گهڻي تعداد وارو پڙهندڙ ناهي مليو, جيتوڻيڪ انهن کانسواءِ به پنهنجي ماحول اندر هڪ الڳ طرح جي ڪيفيت ڏيندڙ ادب به موجود آھي. اهڙي ريت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آھي. جتي پڻ ساڳي شڪايت موجود آهي.

برطانيا ۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ به ادب ۾ ورجاءُ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. يورپ ۾ انگريزي يا اتان جي ٻولين جي ڀيٽ ۾ اسپيني ادب کي ان ڪري وڌيڪ وڻت آهي جو اهو ٻاهر جي ماحول ۽ الڳ ماڻهن بابت آهي (اسپيني يورپ جي ڪجهه حصي ۾ به ڳالهائبي آهي.) ايڪويهين صديءَ دوران آمريڪا ۽ يورپ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جو ادب وڌيڪ پسند ڪيو پيو وڃي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسپيني مان جيستائين گارشيا مارڪيز يا ماريو ورگاس انگريزي يا ٻين ٻولين ۾ نه آيا يا کين نوبل پرائيز نه مليو ته انهن جا شروعاتي ڪتاب پنهنجي ٻوليءِ ۾ گهٽ ڳڻپ ۾ هليا. بورخيس جي جادوئي حقيقت نگاري وارو آرٽ به تڏهن مڃتا ماڻي سگهيو، جڏهن اهو ٻاهر ٻين ٻولين ۾ آيو. جرمنيءَ جي گنٽرگراس جا شروعاتي ناول ٽي سئو تعداد م مس ڇپيا ۽ درجن کن مس هليا پر اڳتي هلي اهي لکن ۾ وڪاڻا. پر اهو به ٿيو آهي ته ميڊيا جي مختلف ٽولس اچڻ سبب هاڻ ڪتاب جي وڪري ۾ بهتري آيل آهي. ڪيترن ئي ليکڪن جا اٿندي ئي لکن ۾ ڪتاب وڪرو ٿين ٿا، اڳ به ٿيندا رهيا آهن پر اهڙا ڪتاب گهٽ هوندا آهن.

 دنيا ۾ هر سال لکين ڪروڙين ڪتاب ڇپجن ٿا پر پذيرائي درجن کن مس ٿا ماڻين. مثال wordsrated  ڪتابن جي جيڪا ڊيٽا ڏيندي آهي ان جو جائزو وٺجي ته ان جو چوڻ آهي ته 2022ع ۾ رڳو آمريڪا ۾ افسانوي ادب جا ڪتاب 404 ملين يعني 40 ڪروڙ 40 لک وڪرو ٿيا. ٽونربز جا انگ اکر آهن ته 2022ع ۾ رڳو فڪشن جي ليکڪن جا پنجاهه لک کان مٿي ٽائٽل ڇپيا. پر ڏٺو وڃي ته ان سال سڄي دنيا ۾ رڳو مڃتا ماڻيندڙ ڪتاب درجن کن مس هوندا، اهڙي طرح هر سال هوندو آهي. ايئن ڪي مخصوص خِطن يا ملڪن يا ٻولين ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب مس مشهور يا مڃتا ماڻيندڙ ٿين ٿا. سنڌيءَ ۾ سال دوران شاعري سميت فڪشن جا ٻه ٽي سئو ڪتاب اچن ٿا، جن ۾ اڪثريت شاعري جي هوندي آهي. ناول يا ڪهاڻي جا ڪجهه درجن به مس هوندا آهن ۽ انهن ۾ ٻه ٽي بهتر معيار واري متن جا هوندا آهن ۽ ڪي ساڳين موضوعن تي ۽ ڪي وري ليکڪن جي شروعاتي لکڻ واري دور جا هوندا آهن. اهو چئي سگهجي ٿو ته هر پنجن سالن دوران سنڌي ناول، ڪهاڻي يا شاعري مان هڪ ٻه ڪتاب اهڙا ضرور هوندا آهن، جيڪي عالمي معيار جي گهٽ ۾ گهٽ ٻي يا ٽين درجي تي ضرور پهتل هوندا آهن ۽ اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي.

منهنجو خيال آهي ته سنڌي ادب ۾  ورجاءُ يا هڪجهڙائي واري سوال جي ماجرا هاڻ ڪا ماجرا ڪانه رهندي. وڌيڪ اهو پڻ ته جڏهن سنڌي ادب جا گهڻائي ۾ ڪتاب دنيا جي ٻين ٻولين ۽ حصن ۾ پهچندا ۽ اتان جي پارکوئن جي پرک يا رايا ٿا اچن، تڏهن ئي سنڌي ادب جي عالمي معيار واري سوال جي اهميت پيدا ٿي سگهي ٿي.