ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌي ادب ۾ سينيئر ٽهيء ۽ نئين ٽهيء جي وچ ۾ وڏيون وڇوٽيون آهن، وڏن ۽ ناليوارن اديبن جي لاتعلقي، مصلحت پسنديءّ ۽ ٻين انيڪ مجبورين سبب مجموعي طور سنڌ جو غريب ۽ مسڪين ادبي لڏو بي يارو مددگار آهي. اهڙو اظهار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي چونڊن ۾ مرڪزي خزانچي جي اميدوار اعظم ڀٽي، چونڊ مهم دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌي سماج جي نظر ۾ ناليوارا ۽ وڏا اديب سنڌي ادبي سنگت مان شعوري طور هٿ ڪڍي ويا آهن، صرف سچو ادبي ورڪر لڏو ئي هن وقت سنڌي ادبي سنگت جي وقار لاء هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي، جنهن ورڪر لڏي کي ورهائڻ جون سازشون گهڻي وقت کان هلي رهيون آهن، مفاد پرست ٽولا جيڪڏهن عارضي طور انهن سازشن ۾ ڪامياب به ٿيا آهن ته اها ڪا دائمي ڪاميابي ناهي، سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت سان محبت ڪندڙن جون نيڪ نيتون سڀني آڏو ظاهر ٿي چڪيون آهن، سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙابندي تي چٿرون به اهي ئي ڪن ٿا جنکي اڪثريتي طور ادبي سۡڃاڻپ، مڃتا، مانۡ ۽ مرتبو سنڌي ادبي سنگت جي ڪري ئي مليو، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ مصورن جي نمائنده جماعت هئي، هن چيو ته سرڪار جي امدادي طعنن مان جان آجي ڪرائڻ لاء سرنديءّ وارن سنڌ، سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙن کي ئي وک وڌائڻي پوندي.