اڪري چودڳي (ن پ ا) يوسي اڪري چودڳيءَ جي 100 گهرن تي مشتمل ڳوٺ خان محمد شر ۾ 80 سيڪڙو گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، 4 مهينا گذرڻ باوجود ڳوٺ جي ڇوطرف زمينن توڙي گهرن ۾3 فوٽ پاڻي بيٺل، سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ باوجود برسات متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور. برسات متاثر ڳوٺاڻن علي حسن، محمد حسن، علي محمد، اخترحسين، الهرکيو، ممتاز حسين شر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته يوسي اڪريءَ جي ٻين ڳوٺن مان ٿورو گهڻو پاڻي نيڪال ٿيو پر اسان جي ڳوٺ کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڳوٺ واسي مزدور ۽ پورهيت عذاب واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن، گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي. چئن مهينن کان بيٺل پاڻي بدبودار بڻجي ويوآهي، جنهن سبب گيسٽرو، مليريا، کنگھه ۽ ٻين بيمارين سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 معصوم نينگرزندگيون وڃائي ويٺا آهن. هنن ڊي سي خيرپور ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته علائقي مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن هو پنهنجا گهر آباد ڪري سگهجن.