سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو: ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري دوران سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط ختم

0
337

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جون تياريون تيز ڪيون ويون آهن

پهريون ڀيرو ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط به ختم ڪيو ويو آهي

شماريات کاتي پاران آدمشماري ۽ گهر شماري لاءِ استادن جي تربيت شروع ڪئي وئي

 ٽائيم نيوز وفاقي شماريات کاتي جو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ وارو تربيتي هدايت نامو هٿ ڪري ورتو

تربيتي هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سميت موجود هر شخص کي ڳڻيو ويندو

تربيت حاصل ڪندڙ استادن کي ڪنهن کان به قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه گهرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي