ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سمنڊ ڪناري ڦاٿل بحري جهاز کي ڪڍڻ لاءِ شروع ڪيل آپريشن ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيڻ جي دعويٰ، جهاز کي ڪناري کان 150 ميٽر تائين اونهي پاڻي ۾ لاٿو ويو ، سرڪار پاران حفاظتي انتظام مڪمل ڪرڻ تائين جهاز کي وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي گذريل هڪ مهيني کان ڦاٿل بحري جهاز هينگ ٽينگ 77 کي سمنڊ ڪناري کان ڪڍي گهري پاڻي تائين پهچائڻ لاءِ شروع ڪيل آپريشن نيٺ ڪامياب ٿي ويو، ڪالهه جهاز جو رخ گهري سمنڊ ڏانهن موڙڻ لاءِ فولادي رسي سان ٻڌي ڪرين نما بوٽ ۽ ٽگ جي مدد سان ڇڪي جهاز کي ڏيڍ سو ميٽرن تائين گهري پاڻي ۾ پهچايو ويو، جنهن بعد آپريشن ٻيهر بند ڪيو ويو، ان حوالي سان آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتل بحري مامرن جي وفاقي خاص معاون مولوي محمود ٻڌايو ته آپريشن ۾ ڪافي ڪاميابي ملي آهي، جهاز کي جلد ڪي پي ٽي پهچايو ويندو، جهاز هن وقت سرڪار جي تحويل ۾ آهي، جهاز جي حفاظتي انتظامن ۽ سمورن ٽيڪنيڪل معاملن کي جهاز مالڪ پاران مڪمل ڪرڻ بعد ئي جهاز کي هتان کان وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي، في الحال جهاز ميري ٽائيم جي تحويل ۾ ئي رهندو، هن چيو ته جهاز جي ڪپتان پاران مدد جي ڏنل ڪال دوران سندس فوري مدد انڪري نٿي سگهي، جو ڪو به ماڻهو اهڙي صورتحال ۾ پنهنجو ٽگ ڦاسائڻ ناهي چاهيندو، اڳ ۾ جهاز کي ڪڍڻ لاءِ آيل هڪ ٽگ ڦاسجي ويو هو، جهاز بابت وفاقي وزير علي زيدي پاران جوڙيل ڪاميٽي انڪوائري ڪري رهي آهي، جنهن جي رپورٽ اڃا مڪمل ناهي ٿي، هوڏانهن بحري جهاز جي ڪپتان ۽ آپريشن جي نگراني ڪندڙ ڪيپٽن عاصم ٻڌايو ته آپريشن ڪامياب ٿي ويو آهي، جهاز کي ڪڍيو پيو وڃي، جهاز جلد ئي ڪي پي ٽي پهچايو ويندو، هن چيو ته جهاز کي ڪڍڻ ۾ دير جو سبب ڪناري تائين پاڻي جو پهچڻ هو، ٿوري پاڻي ۾ آپريشن دوران ٽگ به ڦاسجي رهيا هئا، انهي ڪري دير ٿي.