اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٿر سان تعلق رکندڙ ايڊيشنل آڊيٽر جنرل ون غلام محمد ميمڻ وقتي آڊيٽر جنرل جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، تفصيل موجب حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، وقتي آڊيٽر جنرل غلام محمد ميمڻ کان حلف وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کڻايو، حلف برداري جي تقريب ۾ آڊيٽر جنرل آفيس ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.