ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد زين شاهه پيرول ختم ٿيڻ بعد اڄ ڪراچي سينٽرل جيل پهچندو، سيد زين شاهه کي سندس چاچي سيد امير حيدر شاهه جي لاڏاڻي بعد آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ گهروکاتي 96 ڪلاڪن لاءِ پيرول تي آزادي ڏني هئي، جنهن بعد هو 20 آگسٽ تي تقريبن 12 وڳي منجهند جو ڪراچي سينٽرل جيل کان سن لاءِ روانو ٿيو هو، واضح رهي ته سيد زين شاهه بحريا ٽائون آڏو ٿيل احتجاج دوران داخل ٿيل دهشتگردي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار هجڻ ڪري ڪيس مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائڻ بدران رضاڪاراڻي طور گرفتار ڏني هئي.