ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران ٽماٽا ۽ بصر پرڏيهه مان گھرائڻ سبب سنڌ کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڪالهه زراعت کاتي جي پهرين اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ زراعت کاتي جو حال خراب آهي، ڪامورن کي ڪارڪردگي سڌارڻي پوندي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پنجاب مان ايندڙ نقلي ڀاڻ ۽ ٻج کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اهڙي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته پنجاب مان ايندڙ نقلي ڀاڻ ۽ ٻج سبب سنڌ ۾ هيل ڪپهه جو فصل گھٽ ٿيو آهي، هن چيو ته ايندڙ سال هارين لاءِ 5 نيون اسڪيمون آڻينداسين 2 هزار ملين جي سولر ٽيوب ويل اسڪيم سبسڊي تي شروع ڪري رهيا آهيون. هن ڪامورن کان سوال ڪيو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن خساري ۾ ڇو وڃي رهي آهي؟ هن چيو ته 250 واٽر ڪورس پڪا ڪيا ويندا، جتي پاڻي نه ٿو پهچي سگھي، اتي واٽر ڪورس پڪا ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جي نئين ورائٽين ( جنسن) تي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ارسا پاران سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ڏيڻ سبب فصل گھٽ ٿيا آهن.